وزيراعظم شهباز شريف پاران تبئي ۽ ڊاگ قلعه ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران پوليو ٽيم تي فائرنگ ۽ 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي سلارزئي جي علائقي تبئي ۽ ڊاگ قلعه ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران پوليو ٽيم تي فائرنگ سبب سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪارن قادر ۽ عزيز جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي سلارزئي جي علائقي تبئي ۽ ڊاگ قلعه ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران پوليو ٽيم تي فائرنگ سبب سيڪيورٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪارن قادر ۽ عزيز جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ڀرپور انداز ۾ جاري رکندي، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت پختو عزم رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ قيمتي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم فائرنگ جي جلد انڪوائري مڪمل ڪري ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.