اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گورننس، شفافيت، ٽيڪنالاجي کي لاڳو ڪرڻ ۽ پاليسي هم آهنگيءَ کي مضبوط بنائڻ حڪومت جي سڌارن واري حڪمت عمليءَ جا بنيادي ٿنڀ آهن. هن اها ڳالهه ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ بي) جي صدر زوجيائي جي سربراهيءَ ۾ وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير …
گورننس، شفافيت، ٽيڪنالاجي کي لاڳو ڪرڻ ۽ پاليسي هم آهنگيءَ کي مضبوط بنائڻ حڪومت جي سڌارن واري حڪمت عمليءَ جا بنيادي ٿنڀ آهن: محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گورننس، شفافيت، ٽيڪنالاجي کي لاڳو ڪرڻ ۽ پاليسي هم آهنگيءَ کي مضبوط بنائڻ حڪومت جي سڌارن واري حڪمت عمليءَ جا بنيادي ٿنڀ آهن. هن اها ڳالهه ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ بي) جي صدر زوجيائي جي سربراهيءَ ۾ وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير واشنگٽن ڊي سي ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي بهار اجلاسن دوران زوجيائي سان ٿيل تازي ملاقات جو حوالو ڏنو ۽ پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي سڌارن ۽ ڊگهي مُدي واري ترقياتي مالي معاونت لاءِ بئنڪ جي مسلسل ڀائيواريءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان جي پانڊا بانڊ جي ڪامياب جاري ڪرڻ ۾ بئنڪ جي ضمانتي معاونت تي بئنڪ جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اها ڪاميابي مالياتي ڊيل پاڪستان جي معاشي رُخ ۽ سڌارن واري عمل تي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو مظهر آهي. بئنڪ جي صدر پاڪستان حڪومت کي پانڊا بانڊ جي ڪامياب جاري ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته ان جي جاري ڪرڻ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته گهڻ رُخي ترقياتي ادارا ملڪ جي مالي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ ۽ مختلف مالياتي ذريعن تائين پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هُن اِن مالياتي معاملي تي سيڙپڪارن جي مضبوط ردِعمل ۽ سازگار قيمتن جي تعين کي به ساراهيو. اجلاس دوران ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته استحڪام جي قدمن ۽ جاري ڍانچه جاتي سڌارن جي نتيجي ۾ گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن مهانگائي، پرڏيهي شعبن جي استحڪام، مالياتي نظم ۽ ترتيب ۽ مارڪيٽ جي اعتماد ۾ هاڪاري رجحانن جو ذڪر ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت معاشي استحڪام کي برقرار رکندي روانگي واپار تي ٻَڌل، پيداواري صلاحيت سان جُڙيل ۽ جامع اقتصادي ترقيءَ طرف اڳڀرائي جاري رکندي. اجلاس ۾ پاڪستان جي موجوده ۽ آئينده سيڙپڪاري پورٽ فوليو تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن ۾ خاص ڪري انفراسٽرڪچر تي ٻَڌل ترقي ۽ ڊگهي مُدي واري ترقياتي رٿائن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌُرين ٽرانسپورٽ، رابطا ڪاري، توانائيءَ جي منتقلي، آبي وسيلن جي انتظام، شهري انفراسٽرڪچر، ڊجيٽل رابطا ڪاري ۽ موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ ترقياتي رٿائن سميت مختلف اسٽريٽجڪ شعبن ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل سيڙپڪاريءَ جو جائزو ورتو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت علائقائي رابطا ڪاري کي هٿي ڏيڻ، معاشي چٽاڀيٽيءَ ۾ واڌ ڪرڻ ۽ پائيدار ترقيءَ کي اڳتي وڌائڻ وارن منصوبن کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ بئنڪ وچ ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ قومي ترقياتي ترجيحن سان هم آهنگ هڪ منظم گهڻ ساله مالياتي فريم ورڪ تي به غور ڪيو ويو. ڳالهين ۾ رٿابندي، عملدارآمد جي تياري، اداره جاتي سگهه ۾ واڌ ۽ ڊگهي مُدي واري ترقياتي مالي وسيلن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن جديد مالياتي ذريعن ۽ نجي شعبي جي تمام وڏي شموليت ذريعي پاڪستان جي سيڙپڪاري ماحول کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقي، مالياتي ذريعن ۾ جدت، قرضن ۽ ايڪويٽي مارڪيٽس کي مضبوط بنائڻ ۽ اداره جاتي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ سان انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي رٿائن جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفد پاڪستان ۾ بئنڪ جي جاري سرگرمين جو جائزو پڻ پيش ڪيو ۽ ملڪ جي ڊگهي مُدي واري ترقياتي ترجيحن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ان دوران انفراسٽرڪچر، توانائيءَ جي شعبي جي ترقي، موسمياتي پاليسيءَ بابت مالي معاونت ۽ هنگامي مالياتي سهولتن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. ناڻي واري وزير وفد کي حڪومت جي تمام وڏن سڌارن واري ايجنڊا کان به آگاهه ڪيو، جنهن ۾ ٽيڪس سڌارا، توانائيءَ جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ، سرڪاري ادارن جي سڌارن، اداره جاتي جديد ڪاري ۽ وزارتن ۽ سرڪاري ادارن ۾ عملدرآمد جي صلاحيت بهتر بنائڻ جا قدم شامل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گورننس، شفافيت، ٽيڪنالاجي کي لاڳو ڪرڻ ۽ پاليسي هم آهنگيءَ کي مضبوط بنائڻ حڪومت جي سڌارن واري حڪمت عمليءَ جا بنيادي ٿنڀ آهن. ناڻي واري وزير هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاليسين جو تسلسل برقرار رکيو وڃي،. سڌارن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ هڪ مستحڪم، شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن پائيدار معاشي ترقي ۽ ڊگهي مُدي واري ترقياتي ڀائيوارين کي هٿي وٺرائي سگهجي.











