پاڪستان جديد ۽ مستقبل وچ ۾ مالياتي ٽيڪنالاجي جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ پُرعزم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جديد ۽ مستقبل وچ ۾ مالياتي ٽيڪنالاجي جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪو معيشت جي جديد ڪاري، سيڙپڪاريءَ جي شموليت ۾ سگهه ۽ مالياتي پهچ کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ورچوئل اثاثن واري ريگيوليٽري اٿارٽي (پيورا) جي …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جديد ۽ مستقبل وچ ۾ مالياتي ٽيڪنالاجي جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪو معيشت جي جديد ڪاري، سيڙپڪاريءَ جي شموليت ۾ سگهه ۽ مالياتي پهچ کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ورچوئل اثاثن واري ريگيوليٽري اٿارٽي (پيورا) جي چيئرمين بلال بن ثاقب ۽ ناڻي واري وزير جي قرضن بابت مئنجمينٽ جي صلاحڪار عمر خان سان هڪ اهم اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ خودمختيار قرضن وارا اوزار ۽ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس جي ٽوڪنائزيشن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس پاڪستان ۾ اعليٰ سطح جي حڪومتي مشاورت جي شروعاتي مرحلن مان هڪ هو، جنهن ۾ خاص طور تي خودمختيار مالياتي اثاثن جي ٽوڪنائزيشن ۽ بلاڪ چين انفراسٽرڪچر ذريعي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي جديد رُخن تي آڻڻ، سيڙپڪارن جي پهچ وڌائڻ ۽ پاڪستان کي نئين عالمي ڊجيٽل معيشت جي مالياتي ڍانچي ۾ اثرائتي شموليت ڏيارڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران امڪاني مالياتي ڍانچن، عملي لاڳو ڪرڻ جي طرقيڪار، ريگيوليٽري گهرجن ۽ پاڪستان جي اُڀرندڙ مالياتي نظام ۾ ٽوڪنائزيشن خودمختيار مالياتي اوزار متعارف ڪرائڻ لاءِ ايندڙ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهين جو مرڪزي نُڪتو عالمي سطح تي خودمختيار ۽ نيم خودمختيار قرضن وارن اوزارن جي ٽوڪنائزيشن جا موجوده تجربا ۽ نظريا هئا ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويو ته پاڪستان ڪهڙيءَ طرح عالمي مالياتي مارڪيٽن جي تسليم ٿيل نظام مطابق هڪ موزون ماڊل اختيار ڪري سگهي ٿو. غور هيٺ ماڊل جنهن کي عام طور تي ڊجيٽيل نيٽو نوٽ چيو وڃي ٿو، هڪ منظم ۽ ريگيوليٽڊ بلاڪ چين پليٽ فارم تي جاري ڪرڻ جي وقت ئي خودمختيار بانڊ تخليق ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو جتي ان ئي ڏينهن سيٽلمينٽ ممڪن ٿئي ٿي ۽ بعد ۾ ان کي ان روايتي عالمي ڪليئرنگ ۽ سيٽلمينٽ نظامن سان مربوط ڪيو وڃي ٿو، جيڪي پاڪستان جي موجوده يورو بانڊ پروگرام جي خدمت انجام ڏين ٿا، ان ماڊل تحت بانڊ تي منافعو، ثانوي مارڪيٽ ۾ خريد ۽ وِڪري ۽ اصل رقم جي واپسي روايتي عالمي مالياتي انفراسٽرڪچر ذريعي ئي جاري رهي ٿي، جنهن سان پاڪستان جي روايتي خودمختيار بانڊ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ اداره جاتي سيڙپڪارن سان مڪمل هڪجهڙائپ ۽ هم آهنگي برقرار رهي ٿي. اجلاس ۾ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس جي ٽوڪنائزيشن تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ عالمي سطح جي ريٽيل سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڌيڪ آسان، پهچ جوڳا ۽ ڊجيٽل بنيادن تي مربوط بڻائي سگهجن ٿا ۽ ان کي عالمي مالياتي مارڪيٽن سان وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جوڙي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ پروگرام ذريعي هاڻ تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ عالمي سيڙپڪارن مجموعي طور تي اٽڪل 13 ارب آمريڪي ڊالر ڏيهه موڪليا، جنهن جو وڏو حصو پاڪستان جي معيشت ۾ استعمال ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته تجويز ڪيل ڊجيٽل ورڇ جو مقصد ان سيڙپڪاريءَ جي نظام کي مڪمل ريگيوليٽري نگرانيءَ تحت وڌيڪ وسيع ۽ عالمي سيڙپڪارن تائين واڌ ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ ان رُخ تي به غور ڪيو ويو ته بلاڪ چين سان هلندڙ مالياتي انفراسٽرڪچر ڪهڙيءَ طرح پاڪستان کي عالمي مالياتي نظام سان وڌيڪ مربوط ڪري سگهجي ٿو ۽ مقامي مالياتي شين ۽ خودمختيار قرضن وارن اوزارن جي پروگرام ۽ ڊجيٽلي نيٽ مارڪيٽس ذريعي وڏي عالمي سيڙپڪار برادري تائين پهچ فراهم ڪري سگهن ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جديد ۽ مستقل عالمي مالياتي ٽيڪنالاجي جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪو معيشت جي جديد ڪاري، سيڙپڪارن جي شموليت ۾ سگهه ۽ مالياتي رسائيءَ کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ٽوڪنائزيشن خودمختيار مالياتي اوزارن تي جاري اها ڳالهه ٻولهه ان ڳالهه کي سمجهڻ طرف هڪ اهم شروعاتي قدم آهي ته اُڀرندڙ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽن جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ ڪهڙيءَ طرح معاون ثابت ٿي سگهن ٿا. ان موقعي تي چيئرمين پيورا بلال بن ثاقب ٻُڌايو ته خودمختيار بانڊز ۽ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس جي ٽوڪنائزيشن تي اسان جون ڳالهيون اصل ۾ ان تصور کي نئين شڪل ڏيڻ جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ڪهڙي انداز ۾ سرمايو حاصل ڪري سگهي ٿو، سيڙپڪارن جي شرڪت کي سگهه ڏيڻ ۽ پنهنجي مالياتي مارڪيٽن جي اُڀرندڙ ڊجيٽل معيشت سان جوڙڻ آهي. انهن شين جي ٽوڪنائزيشن کين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ عالمي ريٽيل سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ پهچ جوڳو بڻائي سگهي ٿي، ان سان پاڪستان لاءِ هڪ وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ عالمي سطح سان ڳنڍجڻ مالياتي انفراسٽرڪچر جو بنياد به فراهم ڪري سگهي ٿو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پيورا، ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان ايجنڊا جي ڊزائين، گورننس ۽ مرحليوار ترقي جي حوالي سان گڏيل رابطا ۽ سهڪار جاري رکندا. مناسب منظورين جا مرحلا مڪمل ٿيڻ سان گڏوگڏ ان حوالي سان وڌيڪ اعلانن تي به غور ڪيو ويندو. سمورين ڌُرين ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته خودمختيار مالياتي اثاثن جي ٽوڪنائزيشن بابت امڪاني فريم ورڪ، عالمي تجربن، ريگيوليٽري گهرجن ۽ پائليٽ رٿائن تي فني مشاورت ۽ اداره جاتي هم آهنگي جاري رکي ويندي. اها اڳڀرائي پاڪستان جي ان وسيع ويزن جي عڪاس آهي جنهن جو مقصد مالياتي انفراسٽرڪچر کي جديد بنائڻ، ڊجيٽل اثاثن واري ضابطه ڪاري کي مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان کي ذميدار بلاڪ چين جدت طرازي جي هڪ اُڀرندڙ عالمي مرڪز طور تي متعارف ڪرائڻ آهي.