اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، باجوڙ جي علائقي ڊاگ قلعه ۽ تبئي ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيمن تي فائرنگ جي سخت مذمت ۽ فائرنگ سبب 2 اهلڪارن سيد عزيز ۽ قادر جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي، شهادت ماڻيندڙ اهلڪار عزيز ۽ قادر کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران پوليو ٽيم تي فائرنگ جي پرزور مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، باجوڙ جي علائقي ڊاگ قلعه ۽ تبئي ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيمن تي فائرنگ جي سخت مذمت ۽ فائرنگ سبب 2 اهلڪارن سيد عزيز ۽ قادر جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي، شهادت ماڻيندڙ اهلڪار عزيز ۽ قادر کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد اهلڪارن فرضن جي ادائيگي دوران شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو، ٻارن جو مستقبل محفوظ بنائيندڙ ٽيمن تي حملو افسوسناڪ آهي.










