اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 3791.05 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161805.02 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3791.05 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161805.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 563 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 66 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 383 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 114 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪو ردو بدل ناهي ٿيو. مجموعي طور تي 499.79 ملين شيئرز جي …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3791.05 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161805.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 563 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 66 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 383 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 114 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪو ردو بدل ناهي ٿيو. مجموعي طور تي 499.79 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 19.43 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1124.26 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48340.66 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 6271.80 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 232680.59 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 7.025 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. دوست سٽيل لميٽيڊ جي 40063156 شيئرز، ڪي اليڪٽرڪ جي 32512543 شيئرز ۽ ڪريسنٽ سٽار انشورنس لميٽيڊ جي 26317046 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. فرسٽ امروز مضاربه، نيٽس انٽرنيشنل ڪميونيڪيشنز ۽ خيرپور شگرملز سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.