پشاور-18 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي باجوڙ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيمن تي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر، شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت افسوسناڪ آهي، پوليو جي خاتمي …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران باجوڙ ۾ پوليو ٽيمن تي فائرنگ جي مذمت

مزید خبریں
پشاور-18 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي باجوڙ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيمن تي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر، شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت افسوسناڪ آهي، پوليو جي خاتمي واري ٽيمن تي فائرنگ انتهائي بردلاڻو فعل آهي، ملڪ ۽ انسانيت دشمن قوتن کي ڀارتي سرپرستي حاصل آهي. گورنر جو چوڻ هو ته خيبر پختونخوا جا رهواسي پنهنجي پوليس جي شهيدن ۽ غازين تي فخر ڪن ٿا. هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. خيبر پختونخوا جي بهادر پوليس اهلڪارن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت مشڪل ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهي. گورنر، شهيد پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.











