لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ضلعي ۾ پاڪستان ريلوي جي زمين کي مجاز اختيارين جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ غير مجاز واپاري استعمال ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ پاڪستان ريلويز، سکر کي لکيل هڪ باضابطه خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي زمين مبينا طور تي ضلعي انتظاميا لاڙڪاڻو، بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ سنڌ …
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو پاران ضلعي ۾ پاڪستان ريلوي جي زمين کي مجاز اختيارين جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ غير مجاز واپاري استعمال ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ضلعي ۾ پاڪستان ريلوي جي زمين کي مجاز اختيارين جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ غير مجاز واپاري استعمال ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ پاڪستان ريلويز، سکر کي لکيل هڪ باضابطه خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي زمين مبينا طور تي ضلعي انتظاميا لاڙڪاڻو، بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان اين او سي حاصل ڪرڻ کان سواءِ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. اهڙيون غير قانوني سرگرميون ڀرپاسي جي علائقن جي رهواسين لاءِ تڪليف ۽ پريشاني جو سبب بڻجي رهيون آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته مسلسل غير منظم استعمال سبب زمينن تي قبضو ڪندڙن طرفان اڏاوتون ۽ غير قانوني قبضا، امن امان ۽ عوامي مفاد جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ڊپٽي ڪمشنر، ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ کي درخواست ڪئي آهي ته هو ان معاملي کي ترجيحي بنيادن تي ڏسي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ريلوي جي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڏئي ته هو سموريون قانوني ۽ ريگيوليٽري گهرجون پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هن عوام جي مفاد ۾ ضروري قدم کڻڻ لاءِ چيو آهي. خط جي ڪاپي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊپٽي سيڪريٽري وزير اعليٰ سنڌ، ڊپٽي سيڪريٽري ٽو چيف سيڪريٽري سنڌ، لاڙڪاڻو، رتوديرو، باڪراڻي، ڏوڪري جي اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل مختيارڪارن کي ضروري ڪارروائي ۽ رڪارڊ لاءِ موڪلي ڇڏي آهي.











