ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو پاران رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ شروع ٿيل پوليو کان بچاءَ جي مهم لاءِ سيڪيورٽي آرڊر جاري

لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۾ لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 18 مئي سومر کان شروع ٿيل پوليو کان بچاءَ جي مهم لاءِ سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل سيڪيورٽي آرڊر موجب لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾5030 موبائل ٽيمون ،167 ٽرانزٽ ٽيمون ۽ 6168 پوليس آفيسر ۽ جوان ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. …

لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۾ لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 18 مئي سومر کان شروع ٿيل پوليو کان بچاءَ جي مهم لاءِ سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل سيڪيورٽي آرڊر موجب لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾5030 موبائل ٽيمون ،167 ٽرانزٽ ٽيمون ۽ 6168 پوليس آفيسر ۽ جوان ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. پوليو مهم دوران لاڙڪاڻو رينج جا ايس ايس پيز پاڻ سيڪيورٽي کي مانيٽر ڪندا. پوليو مهم دوران لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۽ رينج آفيس ۾ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں