پوليو هڪ موذي مرض آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن: خير محمد شيخ

لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص مددگار ۽ پ پ پ سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو جي صدر خير محمد شيخ چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن. سنڌ حڪومت جي پوري مشينري هن موذي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پ …

لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص مددگار ۽ پ پ پ سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو جي صدر خير محمد شيخ چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان ۽ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گھرجن. سنڌ حڪومت جي پوري مشينري هن موذي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پ پ پ جا ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ پوري پارٽي هن طرف ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه چلڊرين اسپتال لاڙڪاڻو ۾ هلندڙ پوليو مهم جي افتتاح دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هي مهم 18 مئي 2026ع کان 21 مئي 2026ع تائين جاري رهندي ۽ هن مهم ۾ 04 لک 02 هزار 720 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٻين ادارن جن ۾ لوڪل گورنمينٽ، صحت کاتو، پوليس، روينيو، تعليم ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني يونين ڪائونسل ۾ نون ڄاول ٻارن کان 05 سالن تائين عمر جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ صحت کاتي جون 1343 تربيت يافتا ٽيمون گھر گھر وڃي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جاڦڙا پيئارينديون ۽ ان سان گڏوگڏ پوليو ٽيمن کي گرميءَ کان بچڻ لاءِ او آر ايس، ڪيپس، ڇٽيون ۽ پاڻي پڻ ڏنو ويو آهي، جيڪي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جاڦڙا پيئارينديون. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جو علاج صرف پوليو جي ڦُڙن ۾ آهي ۽ ان لاءِ ٽيمن سان سهڪار ڪيو وڃي ۽ پنهنجي با شعور عوام ۽ والدين هجڻ جو ثبوت ڏنو وڃي ۽ کين مستقل معذوري کان بچايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هن مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اسين شهر شهر توڙي ڳوٺ ڳوٺ وينداسين ته جيئن هي مهم ڪامياب ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جو نمائنده ڊاڪٽر محمد علي شيخ پڻ هتي لاڙڪاڻي آيو آهي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت حسين ابڙو ڳالهائيندي چيو ته هيءَ مهم لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جون ٽيمون گھر گھر وڃي نون ڄاول ٻارن کان 05 سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارينديون، ان سلسلي ۾ مان عوام کي گذارش ڪندس ته پنهنجن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيئارين ته جيئن هو مستقل معذوري کان بچي سگھن ۽ ان سلسلي ۾ مهم دوران ڪم ڪندڙ پوليو ٽيمن کي گرمي کان بچڻ لاءِ او آر ايس، ڪيپس ۽ ڇٽيون پڻ ڏنيون ويون آهن.

مزید خبریں