خيبرپختونخواهه ۾ گورننس نالي جي ڪا شيءَ نه آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورننس نالي جي ڪا شيءَ نه آهي، ڪرپشن ۽ بدعنواني عروج تي آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاران شاهاڻا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ سياست تي عوامي پئسو خرچ ڪيو …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورننس نالي جي ڪا شيءَ نه آهي، ڪرپشن ۽ بدعنواني عروج تي آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاران شاهاڻا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ سياست تي عوامي پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي، صوبائي ڪابينا جو انگ وڌايو ويو آهي. هن چيو ته نااهلي کانسواءِ انهن وزيرن ۽ صلاحڪارن جي چونڊ جو ڪو ٻيو معيار نه آهي. هن چيو ته ڇا ڪابينا جو انگ وڌائڻ سان گورننس بهتر ٿي ويندي جيڪا 12 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ بهتر نه ٿي سگهي؟ وفاقي وزير چيو ته صوبي جا معاملا ايترا خراب ڪڏهن به نه هئا.