پاڪستان ۽ چين تعليم، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل تعليم ۽ صنعتي تعاون جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي: خالد مقبول صديقي

اسلام آبا-18 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين تعليم، ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشن ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽيوٽ)، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل تعليم ۽ صنعتي تعاون جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه وفاقي وزير چين جي دؤري کان واپسيءَ تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير جي قيادت ۾ …

اسلام آبا-18 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين تعليم، ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشن ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽيوٽ)، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل تعليم ۽ صنعتي تعاون جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه وفاقي وزير چين جي دؤري کان واپسيءَ تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير جي قيادت ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد 13 کان 18 مئي تائين عوامي جمهوريه چين جو اهم دؤرو ڪيو. وفد ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرپرسن گل مينه بلال سميت ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. دؤري جي شروعات 2026ع ورلڊ ڊجيٽل ايوڪيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت سان ٿي، جتي آرٽيفيشل انٽيليجنس پلس ايجوڪيشن جي موضوع تي عالمي ڊجيٽل تعليمي تبديليءَ جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. هن ٻُڌايو ته دؤري دوران پاڪستاني وفد چين جي تعليم واري نائب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان تفصيلي مشاورتي اجلاس ڪيا، جن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چيني عملدارن پاڪستان جي وزيراعظم جي امڪاني دؤري کان اڳ گڏيل تعليمي منصوبابنديءَ کي حتمي شڪل ڏيڻ، پاڪستان کي ورلڊ ڊجيٽل ايجوڪيشن الائنس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ ۽ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽس کان ڌار ڊجيٽل چيني ٻولي ڪورس پليٽ فارم قائم ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون. چيني ڌُرين پاڪستان ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جنس انوويشن هيبز جي قيام، مصنوعي ذهانت، سرحد پار اِي ڪامرس ۽ اسمارٽ ڪول مائننگ ۾ ٽه ڌُري سهڪار، جڏهن ته پاڪستان کي انٽرنيشنل چائينز ايجوڪيشن ڪميونٽي ۽ چين جي نيشنل سمارٽ ايجوڪيشن پليٽ فارم ۾ شامل ڪرڻ جي به تجويز ڏني. هن چيو ته پاڪستاني وفد چين پاڪستان ٽي وي اي ٽي انڊسٽريل سينٽر آف ايڪسيلينس (سي پي ٽي آءِ سي اي) جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي چيني عملدارن ساراهيو. ٻنهي ملڪن ان ڳالهه جو جائزو ورتو ته هن وقت 38478 پاڪستاني شاگرد چيني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، جن جي اڪثريت ميڊيڪل پروگرامن ۾ شامل آهي. ڌُرين آءِ ٽي، آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ پاڪستاني شاگردن جو انگ وڌڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻُڌايو ته چين جي دؤري دوران آنهوئي صوبي ۾ به وفد جامع تعليمي ۽ صنعتي سهڪار پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. 13 مئي تي آنهوئي پراونشل ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ چين پاڪستان انڊسٽري – ايجوڪيشن ڪوآپريشن سمپوزيم منعقد ٿيو، جنهن ۾ جنوري 2026ع جي دؤري جي نتيجن جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل جي سهڪار جي فريم ورڪ کي واضح ڪيو ويو. اجلاس ۾ سمارٽ مينيوفيڪچرنگ، نئين توانائي، مصنوعي ذهانت ۽ روايتي چيني طب ۾ چيني ٻولي پلس ووڪيشنل اسڪلز تعاون کي هٿي ڏيڻ، اوورسيز برانچ ڪيمپسز سينٽرز جي قيام، تعليمي سَنَدن جي گڏيل اعتراف ۽ معيارن جي تياريءَ تي اتفاق ڪيو ويو. ان سهڪار کي سي پيڪ تحت قومي سطح تي ماڊل منصوبي طور تي هٿي ڏيڻ جي تجويز به ڏني وئي. چين جي دؤري ۾ وفد هيفئي ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ آنهوئي آٽو موٽيو ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ڪاليج جو به دؤرو ڪيو، جتي 2+2 ۽ 1+3 گڏيل تربيتي پروگرامز، فيڪلٽي ايڪسچينج، نئين توانائي گاڏين ۽ انٽيليجنٽ ڪنيڪٽڊ وهيڪلز جي شعبن ۾ گڏيل صنعتي ادارا قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان منصوبي جي شروعات سيپٽمبر 2026ع جو هدف طور مقرر ڪيو ويو آهي. ان دوران چين پاڪستان ٽي وي اي ٽي انڊسٽريل سينٽر آف ايڪسيلينس ۽ چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي سهڪار سان آءِ سي ٽي ۽ ٽيليڪام بابت ٽي وي اي ٽي سمپوزيم به منعقد ٿيو جنهن ۾ چيني ادارن ۽ ڪمپنين ڊجيٽل اسڪلز، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صنعتي ضرورتن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سمپوزيم دوران 6 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جن جو تعلق عالمي فني تربيت، پيشيوراڻي تعليم، ٻولي ۽ ثقافتي سهڪار ۽ ٽيڪينڪل سرٽيفڪيشن سان آهي. پڌرائيءَ موجب پاڪستان- چين آءِ سي ٽي ۽ ٽيليڪام بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس 24 مئي 2026ع تي هانگزو ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي چين جي امڪاني دؤري تي منعقد ٿيندي، جڏهن ته جولاءِ 2026ع ۾ پاڪستان ۾ روايتي چيني طب بابت ڪانفرنس ۾ آنهوئي وفد شرڪت ڪندو. وفاقي وزير چيو ته آنهوئي ۽ پاڪستان وچ ۾ تعليمي سهڪار کي ٻنهي ملڪن جي باضابطه تعليمي عملدرآمد منصوبي جو حصو بڻايو ويندو، جڏهن ته چيئرپرسن گل مينه بلال مصنوعي ذهانت ۽ سمارٽ مينيوفيڪچرنگ ۾ عملي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو.