پشاور-18 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي، سومر ڏينهن باجوڙ جي تعلقي سالارزئي ۾ پوليو ٽيمن تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وڏي وزير، آءِ جي پوليس کان پوليو ٽيمن تي حملن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته قومي فرض تي مقرر اهلڪارن کي نشانو …
خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پاران سالارزئي ۾ پوليو ٽيمن تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس

مزید خبریں
پشاور-18 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي، سومر ڏينهن باجوڙ جي تعلقي سالارزئي ۾ پوليو ٽيمن تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وڏي وزير، آءِ جي پوليس کان پوليو ٽيمن تي حملن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته قومي فرض تي مقرر اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي بردلاڻو فعل آهي، دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ادارن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي، شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، صوبائي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وڏي وزير، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي.











