شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو نرسن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينار منعقد

لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي آھي، ھي مسئلو ھاڻي پاپوليشن بم ٺھي ويو آهي، هر 10 هزار ماڻهن لاءِ رڳو 5 کان 6 نرسون موجود آهن، جڏھن ته صحت جو عالمي ادارو چوي پيو ته ھر پنجن مريضن لاءِ ھڪ نرس ھجڻ کپي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن …

لاڙڪاڻو-18 مئي (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي آھي، ھي مسئلو ھاڻي پاپوليشن بم ٺھي ويو آهي، هر 10 هزار ماڻهن لاءِ رڳو 5 کان 6 نرسون موجود آهن، جڏھن ته صحت جو عالمي ادارو چوي پيو ته ھر پنجن مريضن لاءِ ھڪ نرس ھجڻ کپي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪوٺايل پنهنجي نوعيت جي پهرئين عالمي تحقيقي ڪانفرنس ۾ ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ماهرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي پهرين ڏينھن ماهرن سان گڏ شاگردن پاران 50 کان مٿي تحقيقي پيپر شامل ڪيا ويا، ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ جديد نرسنگ جي باني سمجهي ويندڙ فلورنس نائٽنگيل کي موبائل جون لائيٽيون هلائي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، ان حوالي سان ڊاڪيومينٽري پڻ ھلائي وئي ۽ وائيس چانسلر پروفيسر نصرت شاهه مھمانن سان گڏجي فلورنس نائٽنگيل جي سالگره جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽيو، ماهرن پاران شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پهرين نرسنگ ڪانفرنس ڪوٺائڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ويو، ڪانفرنس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ڳالھائيندي چيو ته اسان نرسن جي کوٽ ۽ اهميت کي سمجهندي سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ شام وارو نرسنگ پروگرام شروع ڪيو آهي ڇو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کان وڌيڪ نرسن جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خوشنصيبي آهي ته نرسنگ جا ملڪي ۽ عالمي سطح جا ماھر اسان جي ڪانفرنس ۾ موجود آهن. تقريب جي خاص مھمان طور ضياءُ الدين يونيورسٽيءَ جي ڊين ڊاڪٽر پاميلا مارشل چيو ته هن عالمي سطح جي تقريب جو مقصد نرسنگ جي تعليم، تحقيق ۽ صحت جي خدمتن ۾ جديد لاڙن ۽ چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ کي هٿي وٺرائڻ آهي ۽ عالمي معيارن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ نرسن جو تناسب انتهائي گهٽ آهي، جنھن سبب صحت جي شعبي ۾ نرسنگ پروفيشنلز جي تياري، ريسرچ ۽ جديد تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ضروري بڻجي ويو آهي. ڪانفرنس کي آغا خان يونيورسٽي مان آيل تزين سعيد علي، پشاور کان آيل پروفيسر ڊاڪٽر راشده علي، شھيد محترمه بينظير ڀٽوميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊين ۽ ڪانفرنس جي چيئرپرسن پروفيسر الطاف حسين شيخ، ڊين پروفيسر شاهده شيخ، رجسٽرار فھد جبران سيال ۽ ٻين ماهرن پڻ خطاب ڪيو. ماهرن چيو ته نرسز پھرين محاذ تي وڙهندڙ سپاهيءِ جيان هونديون آهن، مئي فلورنس نائٽنگيل جي ڄمڻ جو مھينو آھي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ نرسنگ جي حوالي سان عالمي ريسرچ ڪانفرنس ڪوٺائڻ ساراهه جوڳو عمل آھي ۽ هنن چيو ته الله پاڪ نرسن کي سونهري ۽ همدرد دل ڏئي موڪليو آهي. ڪانفرنس جي سيڪريٽري ۽ نرسنگ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر نذير احمد ٻرڙو چيو ته اسان کي پوري پاڪستان مان 140 تحقيقي پيپر موصول ٿيا ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ 8 پري ڪانفرنس ورڪشاپ ڪرايا ويا آهن ۽ هتي پڻ ٻئي ڏينهن 6 مختلف هالن ۾ هڪ ئي وقت تحقيقي پيپر پيش ڪيا پيا وڃن، ان کانسواءِ هن غير ملڪي ماهرن جن مان ٿائيلنڊ، چائنا، ڪويت، فلپائين ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماهرن جا ٿورا مڃيا. ڪانفرنس ۾ ٻاهران آيل مهمانن کان سواءِ نجي ۽ سرڪاري نرسنگ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کان سواءِ فيڪلٽي، آفيسرن ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں