بهتر ڪارڪردگي وارين وزارتن کي ترقياتي منصوبن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي بجيٽ فراهم ڪئي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بهتر ڪارڪردگي وارين وزارتن کي ترقياتي منصوبن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي بجيٽ فراهم ڪئي ويندي، اهڙن ترقياتي منصوبن ۾ عوام جو پئسو لڳائينداسين جن جا نتيجا يقيني هجن، پاڻي جا ذخيرا ۽ پن بجلي جا منصوبا ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، پاڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي منصوبن کي …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بهتر ڪارڪردگي وارين وزارتن کي ترقياتي منصوبن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي بجيٽ فراهم ڪئي ويندي، اهڙن ترقياتي منصوبن ۾ عوام جو پئسو لڳائينداسين جن جا نتيجا يقيني هجن، پاڻي جا ذخيرا ۽ پن بجلي جا منصوبا ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، پاڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، شزه فاطمه خواجه، حنيف عباسي، سردار اويس خان لغاري، ميان محمد معين وٽو، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بهتر ڪارڪردگي وارين وزارتن کي ترقياتي منصوبن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي بجيٽ فراهم ڪئي ويندي، اهڙن ترقياتي منصوبن ۾ عوام جو پئسو لڳائينداسين جن جا نتيجا يقيني هجن. وزيراعظم چيو ته پاڻي جا ذخير ۽ پن بجلي جا منصوبا ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم پانڊا بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪرڻ ۽  ان جي مارڪيٽ ۾ پذيرائي تي ناڻي واري وزير جي واکاڻ ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ريلوي، آءِ ٽي ۽ پاور واري وزارت جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي وڌ کان وڌ حوصلا افزائي ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. اجلاس ۾ هلندڙ سال جي پي ايس ڊي پي تي جائزه ۽ ايندڙ سال جي تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن ۽ انهن جي لاءِ گهربل فنڊز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي قومي نوعيت جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ پن بجلي جي منصوبن بشمول داسو، ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.