اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه جو محور پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا هو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد احمد المالڪي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه جو محور پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا هو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تازي علائقائي اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.











