حيدرآباد-17 مئي (اي پي پي) متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو عالمي ضمانت تحت طئي ٿيو هو، عالمي قانونن موجب ڊائون اسٽريم جي ماڻهن جو خيال رکيو ويندو آهي پر ڀارت ڪڏهن به سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ۽ احترام نه ڪيو. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو …
ڀارت ڪڏهن به سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ۽ احترام نه ڪيو: انجنيئر صابر حسين قائمخاني

مزید خبریں
حيدرآباد-17 مئي (اي پي پي) متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو عالمي ضمانت تحت طئي ٿيو هو، عالمي قانونن موجب ڊائون اسٽريم جي ماڻهن جو خيال رکيو ويندو آهي پر ڀارت ڪڏهن به سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ۽ احترام نه ڪيو. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي هڪ شق آهي ته ٻوڏ جي صورت ۾ پاڪستان کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويندو ته جيئن ڊائون اسٽريم جي ماڻهن کي ان جي اثرن کان بچائي سگهجي. پر جڏهن به انڊيا ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته هو پاڪستان طرف اوچتو پاڻي ڇڏي ڏيندا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن جو قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو، ڀارت جو اهو انسان دشمن قدم آهي، هن چيو ته ڀارت 2025ع کانپوءِ هڪ طرفي طور چوڻ شروع ڪيو ته اسان ان معاهدي کي ختم ڪريون ٿا جڏهن ته اهڙو ڪو به عالمي قانون موجود ناهي جيڪو ٻن ملڪن وچ ۾ ڪو معاهدي هجي ته ان کي ٻنهي ملڪن جي رضامندي سان ختم ڪري سگهجي ٿو، ان کانسواءِ معاهدو ختم نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي ڀرپور آواز اٿاريو ۽ ان کي مختلف عالمي فورمز تي کڻي ويو، پاڪستان وٽ عالمي عدالت وٽ وڃڻ جو به اختيار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان وٽ جيڪو سڀ کان وڏو اختيار آهي اهو پنهنجي حق، پنهنجي عوام جي جانين جي تحفظ ۽ پنهنجا اثاثا ۽ پاڻي اسان جي زندگي آهي، جي دفاع جو حق آهي ۽ اسان اهو حق هميشه محفوظ به رکون ٿا. استعمال ڪرڻ به ڄاڻون ٿا ۽ اها ڳالهه انڊيا کي چٽي طرح خبر هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ۾ غربت تمام گهڻي آهي هو پنهنجي مسئلن کان عوام جو ڌيان هٽائڻ کانسواءِ چونڊن جي ڏينهن ۾ اسان طرف جارحاڻو رويو اختيار ڪري ٿو جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ ان ڳالهه جو عزم ڪريون ٿا ته پاڪستان جي هر حق جو هر قيمت تي دفاع ڪيو ويندو.











