سنڌ حڪومت  دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، هوٽلن، ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ شادي هالن کي وقت تي بند ڪرڻ واري پابندي ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي-16 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت  سمورن دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، هوٽلن، ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ شادي هالن کي حڪومت جي مقرر ڪيل وقت تي بند ڪرڻ واري  پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. صوبي جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جاري ڪيل  بيان ۾ چيو آهي ته هاڻي ڪاروباري مرڪز  اڳوڻين پابندين کان سواءِ معمول موجب پنهنجي مقرر ڪيل وقت تائين ڪم جاري رکي سگهندا. واضع رهي ته حڪومت مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن  لاءِ  مخصوص وقت توانائي جي تحفظ ۽ ڪفايت شعاري جي …

ڪراچي-16 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت  سمورن دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، هوٽلن، ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ شادي هالن کي حڪومت جي مقرر ڪيل وقت تي بند ڪرڻ واري  پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. صوبي جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جاري ڪيل  بيان ۾ چيو آهي ته هاڻي ڪاروباري مرڪز  اڳوڻين پابندين کان سواءِ معمول موجب پنهنجي مقرر ڪيل وقت تائين ڪم جاري رکي سگهندا. واضع رهي ته حڪومت مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن  لاءِ  مخصوص وقت توانائي جي تحفظ ۽ ڪفايت شعاري جي پاليسي تحت مقرر ڪيو ھو، واپارين ۽ صنعتڪارن جي تجويزن، مسئلن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت اھو فيصلو ڪيو آھي ته جيئن ڪاروباري سرگرميون متاثر نه ٿين.

مزید خبریں