لاڙڪاڻو-16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم تحت لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر فهد شفيق، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر نثار احمد ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فهد شفيق خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي سهولت لاءِ مفت …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم تحت لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ تقريب

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف جي ليپ ٽاپ اسڪيم تحت لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر فهد شفيق، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر نثار احمد ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فهد شفيق خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي سهولت لاءِ مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي سان گڏوگڏ مختلف اسڪيمون متعارف ڪرايون آهن، جن مان شاگردن کي وڏو فائدو پهچي رهيو آهي. هن چيو ته روزگار ۽ اعليٰ تعليم سميت هر شعبي ۾ نوجوانن جي هر ممڪن مدد وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اعلان ڪيو ته ھلندڙ سال سنڌ لاءِ 20 هزار ليپ ٽاپ منظور ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته ايندڙ سال وڌيڪ ليپ ٽاپ منظور ڪرايا ويندا ته جيئن وڌيڪ شاگرد ان سهولت مان فائدو کڻي سگهن. تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر نثار احمد ابڙو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فهد شفيق جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي شاگردن کي مفت ليپ ٽاپ ڏئي جيڪا سھولت مھيا ڪئي وئي آهي، ان شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي.











