لاهور – 16 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محمد نقوي زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به ڪلين سوئپ ڪرڻ تي قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. محسن نقوي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته عورت رانديگرياڻين بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي شعبن ۾ زمبابوي جي ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪندي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪئي. …
بي سي بي چيئرمين جي ٽي ٽوئنٽس سيريز ۾ ڪلين سوئپ تي قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون
لاهور – 16 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محمد نقوي زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به ڪلين سوئپ ڪرڻ تي قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. محسن نقوي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته عورت رانديگرياڻين بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي شعبن ۾ زمبابوي جي ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪندي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪئي. هن چيو ته بيٽرز ۽ بالرز بهترين راند پيش ڪئي ۽ سڄي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پي سي بي جي چيئرمين، وهاب رياض ۽ سمورن ڪوچز کي به مبارڪون ڏيندي چيو ته قومي وومينز ٽيم جي رانديگرياڻين شاندار ٽيم ورڪ ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي. محسن نقوي اميد ظاهر ڪئي ته قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي.












