چائنا ميڊيا گروپ ۽ فيفا وچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جي نئين مرحلي جي نشرياتي حقن بابت سهڪار تي اتفاق راءِ  ٿي ويو

بيجنگ-16 مئي(اي پي پي)چائنا ميڊيا گروپ ۽ انٽرنيشنل فٽبال فيڊريشن گڏيل طور تي اعلان ڪيو آهي ته ڌرين وچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جي نئين مرحلي جي نشرياتي حقن بابت سهڪار تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ان سهڪار تي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع، فيفا ورلڊ ڪپ 2030ع، ويمن ورلڊ ڪپ 2027ع ۽ ويمن ورلڊ ڪپ 2031ع شامل آهن. ڌرين وچ ۾ سهڪار تحت چائنا ميڊيا گروپ …

بيجنگ-16 مئي(اي پي پي)چائنا ميڊيا گروپ ۽ انٽرنيشنل فٽبال فيڊريشن گڏيل طور تي اعلان ڪيو آهي ته ڌرين وچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جي نئين مرحلي جي نشرياتي حقن بابت سهڪار تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ان سهڪار تي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع، فيفا ورلڊ ڪپ 2030ع، ويمن ورلڊ ڪپ 2027ع ۽ ويمن ورلڊ ڪپ 2031ع شامل آهن. ڌرين وچ ۾ سهڪار تحت چائنا ميڊيا گروپ کي ان دوران سمورن مقابلن لاءِ چائنيز مين لينڊ جا سمورا ميڊيا حق ۽ ميڊيا سب لائسنسنگ حق حاصل هوندا جن ۾ ڪيبل ٽي وي، پي ٽي وي، انٽرنيٽ ۽ موبائل ڊيوائسز شامل آهن. 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ جا مقابلا 12 جون کان 20 جولاءِ تائين آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ گڏيل طور منعقد ٿيندا. انهن مقابلن ۾ ٽيمن جو تعداد 32 کان 48 تائين وڌايو ويو آهي جڏهن ته گڏيل طور 104 ميچون کيڏيون وينديون ۽ اهو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ايڊيشن هوندو.

مزید خبریں