حيدرآباد-15 مئي (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي عورت سائنسدان ڪمرشل يوريا ڀاڻ ۾ گرمي پد سميت ٻين موسمن مطابق بھتر ڪوٽيڊ تبديلي جو ڪامياب تجربو ڪيو آھي، جنهن جو مقصد نائٽروجن جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي، نائٽروجن جي اثرائتي استعمال ۽ ماحول دوست زرعي نظام کي هٿي وٺرائڻ آهي، ان سلسلي ۾ منعقد ٿيل هڪ سيمينار دوران زرعي ماهرن، سائنسدانن، محققن ۽ ماحولياتي ماهرن پاڪستان ۾ يوريا ڀاڻ جي غير متوازن ۽ غير …
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ليڊي سائنٽسٽ پاران يوريا ڀاڻ ۾ موسم مطابق بھتري آڻڻ جو تجربو ڪامياب، ماهرن جو نائٽروجن جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
حيدرآباد-15 مئي (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي عورت سائنسدان ڪمرشل يوريا ڀاڻ ۾ گرمي پد سميت ٻين موسمن مطابق بھتر ڪوٽيڊ تبديلي جو ڪامياب تجربو ڪيو آھي، جنهن جو مقصد نائٽروجن جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي، نائٽروجن جي اثرائتي استعمال ۽ ماحول دوست زرعي نظام کي هٿي وٺرائڻ آهي، ان سلسلي ۾ منعقد ٿيل هڪ سيمينار دوران زرعي ماهرن، سائنسدانن، محققن ۽ ماحولياتي ماهرن پاڪستان ۾ يوريا ڀاڻ جي غير متوازن ۽ غير سائنسي استعمال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي خبردار ڪيو ته نائٽروجن جو وڏي پيماني تي ضايع ٿيڻ زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي، پيداواري خرچن ۾ واڌ ۽ ماحولياتي توڙي صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي رهيو آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي سول سائنس شعبي جي سائنسدان ڊاڪٽر صائمه ڪلثوم ٻٻر هڪ نئون ڪوٽيڊ يوريا ڀاڻ تيار ڪيو آهي، جيڪا امونيا جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ڀاڻ کي وڌيڪ ماحول دوست بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اها جديد فارموليشـن يوريز انهيبٽنگ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي، جيڪا بدلجندڙ موسمي حالتن ۾ مٽي اندر نائٽروجن کي وڌيڪ وقت تائين برقرار رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ۽ سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان “يوريز انهيبٽنگ يوريا فرٽيلائزر جي تياري” جي عنوان هيٺ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جتي ماهرن زمين جي زرخيزي برقرار رکڻ، جر جي پاڻي کي گدلو ٿيڻ کان بچائڻ ۽ گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي لاءِ موسمن سان ٺھڪندڙ ڀاڻ ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. سيمينار جي صدارت ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پرفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 6 کان 7 ملين ٽن يوريا استعمال ڪئي وڃي ٿي، پر تحقيقي رپورٽن موجب ان جو 30 کان 50 سيڪڙو حصو امونيا جي اخراج، نائٽرس آڪسائيڊ گيس ۽ ليچنگ ذريعي ضايع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته نائٽروجن جو اهو ضايع ٿيڻ نه رڳو زرعي پيداوار ۽ هارين جي آمدني تي اثر انداز ٿئي ٿو، پر ماحولياتي گدلاڻ ۽ انساني صحت لاءِ به خطرا پيدا ڪري ٿو، هن خبردار ڪيو ته نائٽريٽ سان جر جو خراب پاڻي واپرائڻ سبب رت ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي، ساهه کڻڻ جي تڪليف، معدي جي بيمارين ۽ ٻارن ۾ “بلو بيبي سنڊروم” جهڙيون بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته مالوند جانورن ۾ نائٽريٽ جا زهريلا اثر، هاضمي جون خرابيون ۽ کير جي پيداوار ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. هن آبادگارن تي زور ڀريو آهي سائنسي بنيادن تي ڀاڻن جو استعمال ڪن ۽ نم سان ڪوٽيڊ ۽ سلو ريليز ڀاڻن کي هٿي وٺرائن ته جيئن غذائي جزن جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار زرعي پيداوار کي يقيني بڻائي سگهجي. مهمانِ خاص ڊاڪٽر مظھرالدين ڪيريو چيو ته تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن ۾ خوراڪ جي تحفظ ۽ ماحولياتي پائيداري لاءِ زرعي جدت هاڻي لازمي بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته نئين يوريز انهيبٽنگ ٽيڪنالاجي يوريا جي ٽٽڻ واري عمل کي گھٽائي ٿي، جنهن سبب نائٽروجن گهڻي وقت تائين مٽي ۾ برقرار رهي ٿو ۽ فصلن کي بهتر غذائيت ملي ٿي، جنهن سان پيداوار ۾ واڌ ۽ گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي اچي ٿي، ڊين فيڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن ۽ منصوبي جي گڏيل محقق ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته سخت گرمي، الڪلائن مٽي ۽ ڀاڻن جي غلط استعمال سبب 40 کان 60 سيڪڙو تائين يوريا ۽ ٻيا ڀاڻ ضايع ٿي وڃن ٿا يا زيرِ زمين پاڻي ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. هن خبردار ڪيو ته مٽي ۽ پاڻي ۾ نائٽريٽ جي وڌندڙ مقدار زراعت، ماحول ۽ انساني صحت لاءِ سنگين خطرو بڻجي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته گرم موسمي حالتن دوران امونيا جي اخراج ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب فصلن تائين نائٽروجن جي فراهمي گهٽجي وڃي ٿي ۽ پيداوار متاثر ٿئي ٿي. هن هارين کي صلاح ڏني ته خاص طور تي سخت گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ دوران ، نم سان ڪوٽيڊ ۽ سلو ريليز ڀاڻن جي استعمال کي هٿي وٺرائن، ڊاڪٽر صائمه ڪلثوم ٻٻر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي محققن سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان چانورن جي ڀوسي مان حاصل ڪيل نينو سليڪان تي ٻڌل خاص يوريز انهيبٽنگ يوريا ڀاڻ تيار ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا جي اٽڪل 40 سيڪڙو خوراڪ يوريا ڀاڻ تي دارومدار رکي ٿي، پر ان جو لڳ ڀڳ اڌ حصو هر سال ماحول ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب عالمي سطح تي اربين ڊالرن جو معاشي نقصان ٿئي ٿو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته نينو سليڪان تي ٻڌل هي ڀاڻ يوريا جي هائيڊرولائسز واري عمل کي گهٽائي ٿو، مٽي ۾ نائٽروجن کي وڌيڪ وقت تائين برقرار رکي ٿي ۽ سخت موسمي حالتن ۾ غذائي جزن جي ضايع ٿيڻ کي گهٽائي موسمياتي برداشت وڌائي ٿو. تجرباتي نتيجن موجب هن نئين ڀاڻ جي استعمال سان امونيا گيس جي اخراج ۾ 53 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي جڏهن ته ٻوٽن جي اوچائي، ٿڙ جي ٿولهه ۽ نائٽروجن جذب ڪرڻ جي صلاحيت ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي. آخر ۾ سوائل سائنس شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر الله وڌايو گانداھي منصوبي جي مقصدن ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ پائيدار زرعي تحقيق لاءِ شرڪت ڪندڙن جي سهڪار تي ٿورا مڃيا.











