جيڪب آباد ۾ مال جي واڙي جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي ٻار فوت، گهر ۾ ڪهرام

جيڪب آباد-14 مئي (اي پي پي) جيڪب آباد ويجهو آباد ٿاڻي جي حد عبدالحي سڌايو ۾ مينهن جي واڙي جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا. گذريل رات تيز طوفان سبب حادثي ۾ 14 سالن جو ياسين پٽ حمل خان دايو، 15 سالن جو غلام رسول دايو جڏهن ته قادر پور مان مهمان ٿي آيل جبار پٽ غلام نبي دايو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. واقعي جي …

جيڪب آباد-14 مئي (اي پي پي) جيڪب آباد ويجهو آباد ٿاڻي جي حد عبدالحي سڌايو ۾ مينهن جي واڙي جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا. گذريل رات تيز طوفان سبب حادثي ۾ 14 سالن جو ياسين پٽ حمل خان دايو، 15 سالن جو غلام رسول دايو جڏهن ته قادر پور مان مهمان ٿي آيل جبار پٽ غلام نبي دايو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. واقعي جي فورن بعد علائقي ۾ امدادي ڪارروائيون ڪندي ڪريل ڀٿ جي ملبي مان ٽن ٻارن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا. ان افسوسناڪ حادثي کانپوءِ متاثر گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ هر شخص مايوس نظر اچي رهيو هو.

مزید خبریں