انٽرنيشنل ٽريڊ انڊسٽريل فيئر ايشيا 2026ع پاڪ – چين صنعتي تعاون ۽ سيڙپڪاري کي  هٿي ڏيڻ جو اثرائتو پليٽ فارم بڻجي ويو

ڪراچي _14 مئي(اي پي پي) انٽرنيشنل ٽريڊ انڊسٽريل فيئر ايشيا 2026 پاڪستان ۾ صنعتي ترقي ، عالمي سيڙپڪاري ۽ پاڪ - چين اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اهم ڪڙي بڻجي اڀريو آهي . ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ان عالمي نمائش نه صرف مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي پر صنعتي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ، گڏيل منصوبن ۽ ڪاروباري رابطن جا نوان …

ڪراچي _14 مئي(اي پي پي) انٽرنيشنل ٽريڊ انڊسٽريل فيئر ايشيا 2026 پاڪستان ۾ صنعتي ترقي ، عالمي سيڙپڪاري ۽ پاڪ – چين اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اهم ڪڙي بڻجي اڀريو آهي . ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ان عالمي نمائش نه صرف مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي پر صنعتي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ، گڏيل منصوبن ۽ ڪاروباري رابطن جا نوان موقعا به پيدا ڪيا . ايس آئي ايف سي جي موثر سهولت ڪاري ۽ اي ڪامرس گيٽ وي جي شراڪتداري سان منعقد نمائش پاڪستان جي صنعتي ۽ معاشي امڪانن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي . ڪراچي ۾ منعقد نمائش انٽرنيشنل ٽريڊ انڊسٽريل فيئر (آئي ٽي آئي ايف ) ايشيا 2026 ع پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي تعاون ، سيڙپڪاري رابطن کي هٿي ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم آهي . ايس آءِ ايف سي ۽ اي ڪامرس گيٽ وي جي شراڪت سان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد 23هين عالمي واپاري ۽ صنعتي نمائش آئي ٽي آئي ايف ايشيا 2026ع جو افتتاح سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ڪيو. نمائش ۾ چين سميت مختلف ملڪن جي مشهور صنعي ڪمپنين، سيڙپڪارن ۽ واپاري وفدن ڀرور شرڪت ڪئي . نمائش جي پهرين ڏينهن چين جي صنعتي گروپ آءِ بي آءِ پاڪستاني واپاري صنعتي ادارن سان ڪيترن ئي مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد تعاون ، گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي.

مزید خبریں