سنڌ جي گورنر سان وفاقي انشورنس محتسب جي گورنر هائوس ۾ ملاقات،گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي-14 مئي(اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان وفاقي انشورنس محتسب سيد ممتاز علي شاهه هتي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي،جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي  ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن سميت عوامي شڪايتن جي فوري ازالي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون.گورنر هائوس جي ترجمان موجب ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه سنڌ جي گورنر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽  سڌارن بابت کنيل قدمن ۽ عوام کي فراهم ڪيل سهولتن بابت آگاهه ڪيو. گورنر ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب پاران عوام …

ڪراچي-14 مئي(اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان وفاقي انشورنس محتسب سيد ممتاز علي شاهه هتي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي،جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي  ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن سميت عوامي شڪايتن جي فوري ازالي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون.گورنر هائوس جي ترجمان موجب ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه سنڌ جي گورنر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽  سڌارن بابت کنيل قدمن ۽ عوام کي فراهم ڪيل سهولتن بابت آگاهه ڪيو. گورنر ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب پاران عوام کي فوري ۽ اثرائتو انصاف فراهم ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته عوامي مسئلن جي وقت تي حل ۽ ادارن تي اعتماد جي واڌاري لاءِ سهڪار انتهائي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي خدمت، شفافيت ۽ جوابدهي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن ماڻهن جا مسئلا تيزي سان حل ٿي سگهن. ملاقات جي پڄاڻي تي وفاقي انشورنس محتسب سيد ممتاز علي شاهه پاران گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي کي اداري طرفان يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي وئي.

مزید خبریں