ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بدنام زمانه منشيات فروش جوابدار انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. پنھنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھن ڪامياب ڪارروائي تي پوليس مبارڪن جي حقدار آھي، ڇاڪاڻ تھ جوابدار عورت ڊگھي …
بدنام زمانه منشيات فروش جوابدار انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بدنام زمانه منشيات فروش جوابدار انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. پنھنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھن ڪامياب ڪارروائي تي پوليس مبارڪن جي حقدار آھي، ڇاڪاڻ تھ جوابدار عورت ڊگھي عرصي کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھربل ھُئي، جوابدار انمول عرف پنڪي سڄي پاڪستان ۾ منشيات جي سپلائي جو ھڪ منظم نيٽ ورڪ ھلائي رھي ھُئي. ھن چيو تھ ھي نيٽ ورڪ نوجوان نسل کي تباھي ڏانھن ڌِڪڻ ۾ ملوث ھو ۽ حڪومت اھڙن عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي. سندس چوڻ ھو تھ گذريل ڏينھن ڪورٽ ۾ پيش آيل واقعو افسوسناڪ ھو، سنڌ جي گھرو وزير واقعي تي ايڪشن کنيو ۽ موقعي تي موجود ٻن پوليس اھلڪارن کي معطل ڪيو ويو. سندس چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت منشيات فروشن خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪندي تھ جيئن معاشري کي ھن ناسور کان پاڪ ڪري سگھجي.











