حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو پاران معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي مناسبت ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ طور شاندار ريلي ڪڍي وئي. يونيورسٽيءَ جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي تعداد ۾ وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين عليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي مک دروازي کان ريلي ڪڍي. ريليءَ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ معرڪه حق جي …
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو پاران معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي مناسبت ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ طور شاندار ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو پاران معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي مناسبت ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ طور شاندار ريلي ڪڍي وئي. يونيورسٽيءَ جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي تعداد ۾ وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين عليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي مک دروازي کان ريلي ڪڍي. ريليءَ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ معرڪه حق جي مناسبت سان نعرا هنيا ويا ۽ هٿن ۾ نعرا لکيل بينر کنيا ويا. ان موقعي تي گذريل سال مئي مهيني ۾ دشمن ملڪ کي تاريخي شڪست ڏيڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي مک گيٽ کان سينٽرل لائيبرريءَ واري چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحهٰ حسين عليءَ کان علاوه مختلف فيڪلٽين جي ڊينز، ڊاڪٽر رضوان ميمڻ، ڊاڪٽر خانجي هريجن، ڊاڪٽر فيروز شاهه، مختلف شعبن جي چيئرمينن، فيڪلٽي ميمبرن، رجسٽرار ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، مختلف ڊائريڪٽرن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ وطن سان ڀرپور حب الوطنيءَ جي جذبي جو اظهار ڪيو.











