سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ هوپو ڪينيڊا پاران جديد لائيو اسٽاڪ ٽيڪنالاجي، ڪاربان نيوٽرل ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻي معيشت جي بحالي لاءِ گڏيل جدوجھد تي اتفاق

حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ هوپو ڪينيڊا جي گڏيل سھڪار سان منعقد ڪيل ٻن ڏھاڙن جي تربيتي ورڪشاپ دوران ماهرن، محققن، استادن توڙي ڪاروباري شخصيتن پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ مصنوعي ذهانت، ڪلائميٽ اسمارٽ ايگريڪلچر ۽ انٽرپرينئرشپ تي ٻڌل ماڊلز لاڳو ڪرڻ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آھي ته ڳوٺاڻي معيشت کي مضبوط ڪري، پيداوار ۾ واڌارو آڻي ۽ موسمياتي چئلينجن جو اثرائتو …

حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ هوپو ڪينيڊا جي گڏيل سھڪار سان منعقد ڪيل ٻن ڏھاڙن جي تربيتي ورڪشاپ دوران ماهرن، محققن، استادن توڙي ڪاروباري شخصيتن پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ مصنوعي ذهانت، ڪلائميٽ اسمارٽ ايگريڪلچر ۽ انٽرپرينئرشپ تي ٻڌل ماڊلز لاڳو ڪرڻ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آھي ته ڳوٺاڻي معيشت کي مضبوط ڪري، پيداوار ۾ واڌارو آڻي ۽ موسمياتي چئلينجن جو اثرائتو مقابلو ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، ماھرن موجب غربت گهٽائڻ ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌيڪ کير ۽ گوشت ڏيندڙ نسلن جي افزائش لاءِ مختلف خاندانن تي ٻڌل گروپن جي صورت ۾ کين مفت جانور فراهم ڪري، انهن کي جديد لائيو اسٽاڪ ويليو چين سان ڳنڍيو ويندو ۽ انھن سان پنج سالن تي ٻڌل ڪاروباري معاهدا ڪيا ويندا. ورڪشاپ جي افتتاحي ويھڪ کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ”گريز ٽو اون“ ماڊل تحت شاگردن، ويٽرنري ماهرن، هارين، محققن ۽ ڳوٺاڻي ڪاروباري ماڻهن کي هڪ مربوط نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پيداوار ۾ واڌ سان گڏ نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروباري موقعا پيدا ٿيندا، هن وڌيڪ چيو ته جديد ڊجيٽل مانيٽرنگ، سائنسي لائيو اسٽاڪ مينيجمينٽ، ورچوئل وٽرينري سهولتن ۽ موسمي حالتن مطابق حڪمت عملين ذريعي ڳوٺاڻن خاندانن جي آمدني ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي. هوپو ڪينيڊا جي نمائندي شاستا ڪارهاس چيو ته سنڌ ۾ 100 ڪاربان نيوٽرل ڳوٺ قائم ڪرڻ جو منصوبو جاري آهي، جنهن تحت 6 پائلٽ ڳوٺن ۾ عملي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. جنهن جو مقصد ماحولياتي توازن بحال ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي معيشت کي مضبوط بڻائڻ آهي، هن ٻڌايو ته ”سکو ۽ ڪمايو“ پروگرام تحت شاگردن ۽ ڳوٺاڻي نوجوانن کي روزگار ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ هن وقت تائين 44 تحقيقي ۽ عملي منصوبن سان گڏ ڪيترن ئي اسٽارٽ اپس جي مدد ڪئي وئي آهي، هوپو جي نمائندي نصير قريشي چيو ته پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي، جنهن کي مصنوعي ذهانت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونٽي شموليت ذريعي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته نوجوانن لاءِ بهتر مالي سهڪار سان وڏا موقعا موجود آهن، جتي هو موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ خوراڪ جي تحفظ جهڙن مسئلن لاءِ مقامي سطح تي عمل جوڳا ماڊلز تيار ڪري سگهن ٿا، فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين ۽ هوپو جي پيٽرن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي چيو ته عالمي ادارن ۽ جديد اسٽارٽ اپس ذريعي شاگردن ۽ محققن کي جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ڪاروباري مهارتن تي اڳ ۾ ئي ڪم ٿي رھيو آھي، ۽ نئين معاھدي تحت زرعي يونيورسٽي پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪندي، ڪراچي جي اسٽارٽ اپ ”گلوبل اينيمل پاسپورٽ“ جي سي اي او عبدالباسط پاران چوپائي مال جي بايوميٽرڪ سڃاڻپ جو جديد نظام پيش ڪيو ويو، اهو نظام جانورن جي نڪ جي منفرد بايوميٽرڪ پيٽرن ذريعي 99 سيڪڙو تائين درست سڃاڻپ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته هن نظام سان جانورن جي چوري، جعلي خريد ۽ وڪري، ۽ ملڪيت جي تڪرارن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ۽ جانورن جي صحت، ويڪسينيشن ۽ عمر جو مڪمل ڊجيٽل رڪارڊ محفوظ ٿي سگهي ٿو. تقريب کي هوپو زرعي يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالوحيد سولنگي، ڊاڪٽر خالد حسين ڍلو پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار سميت استادن، ماهرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں