حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) ڄامشورو شھر جي غريب آباد ڪالوني جي رهواسي نوجوان شعيب جويو مبينه طور تي گھريلو پريشانين کان تنگ ٿي بجلي جي تار پنکي ۾ ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. واقعي کان پوءِ گھر ۾ قُھرام مچي ويو. فوتي جي والد عبدالوحيد جويو جو چوڻ آهي ته منھنجو پٽ ڄامشورو شھر جي گرلس اسڪول ڀرسان ڪريانه جو دڪان ھلائيندو ھو، رات جو دير سان گھر اندر …
ڄامشورو ۾ نوجوان گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
حيدرآباد- 13 مئي (اي پي پي) ڄامشورو شھر جي غريب آباد ڪالوني جي رهواسي نوجوان شعيب جويو مبينه طور تي گھريلو پريشانين کان تنگ ٿي بجلي جي تار پنکي ۾ ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. واقعي کان پوءِ گھر ۾ قُھرام مچي ويو. فوتي جي والد عبدالوحيد جويو جو چوڻ آهي ته منھنجو پٽ ڄامشورو شھر جي گرلس اسڪول ڀرسان ڪريانه جو دڪان ھلائيندو ھو، رات جو دير سان گھر اندر بجلي جي تار پنکي ۾ ٻڌي آپگهات ڪيو آهي. والد جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مان پنھنجي زال کي طلاق ڏني ھئي، منھنجو پٽ رات جو دوڪان بند ڪرڻ بعد پنھنجي ماءُ سان ملڻ ويو ھو، اتان واپس اچڻ بعد ھن اھڙو قدم کنيو آھي. فوتي نوجوان شعيب جويو غيرشادي شده ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ھو انٽر جو شاگرد ھو سندس عمر 20 سال ٻڌائي پئي وڃي.











