حيدرآباد- 12 مئي (اي پي پي) نادرا سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين پاران موڪليل خط جي موٽ ۾ ”پاڪ آءِ ڊي“ موبائيل ايپليڪيشن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ان حوالي سان سنڌي لئنگئچ اٿارٽيءَ جي ڪوششن کي ساراهيندي، نادرا ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي، آئيني ۽ ثقافتي اهميت کي مڃيندي، سنڌي ٻوليءَ کي به مرحليوار ”پاڪ آءِ ڊي ايپ“ ۾ …
نادرا پاران سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين پاران موڪليل خط جي موٽ ۾ ”پاڪ آءِ ڊي“ موبائيل ايپليڪيشن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ جي خاطري

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 مئي (اي پي پي) نادرا سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين پاران موڪليل خط جي موٽ ۾ ”پاڪ آءِ ڊي“ موبائيل ايپليڪيشن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ان حوالي سان سنڌي لئنگئچ اٿارٽيءَ جي ڪوششن کي ساراهيندي، نادرا ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي، آئيني ۽ ثقافتي اهميت کي مڃيندي، سنڌي ٻوليءَ کي به مرحليوار ”پاڪ آءِ ڊي ايپ“ ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. خط مطابق ”نادرا“ ان ڳالهه کي سمجهي ٿي ته مادري ٻولين ۾ معلومات تائين پهچ عوامي سهولتن کي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ گهڻ لساني سھولت جو اضافو مرحليوار ڪيو ويندو. هڪ خط وسيلي نادرا هيڊ ڪوارٽر طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي شموليت نادرا جي رٿابنديءَ جو حصو آهي ۽ ان کي ضرور لاڳو ڪيو ويندو ته جيئن سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ پڻ نادرا جي آن لائن سهولتن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. اداري جي چيئرمين شير مهراڻي نادرا اختيارين پاران ڏنل هاڪاري موٽ تي ٿورا مڃيا آهن.











