پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي ٽڪيٽن جو وڪرو 22 مئي کان شروع ٿيندو

لاهور- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي ٽڪيٽن جو وڪرو 22 مئي کان شروع ٿيندو جڏهن ته شوقين آن لائين ٽڪيٽ pcb.tcs.com.pk تان خريد ڪري سگهندا. سيريز جو پهريون ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون ميچ 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندو. پي سي بي موجب جنرل انڪلوزر ٽڪيٽ جي …

لاهور- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي ٽڪيٽن جو وڪرو 22 مئي کان شروع ٿيندو جڏهن ته شوقين آن لائين ٽڪيٽ pcb.tcs.com.pk تان خريد ڪري سگهندا. سيريز جو پهريون ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون ميچ 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندو. پي سي بي موجب جنرل انڪلوزر ٽڪيٽ جي قيمت 200 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته فرسٽ ڪلاس ٽڪيٽ 300 روپيا، پريميئم 400 روپيا ۽ وي آءِ پي ٽڪيٽ 500 روپين ۾ دستياب هوندي. راولپنڊي ۾ کيڏجندڙ ميچ لاءِ وي آءِ پي گئلري ٽڪيٽ 1500 روپين ۾ دستياب هوندي. لاهور ۾ اقبال اينڊ وي آءِ پي ٽڪيٽ جي قيمت 1000 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته جناح اينڊ وي آءِ پي ٽڪيٽ 1500 روپين ۾ وڪرو ٿيندي. ڪارپوريٽ ۽ هاسپيٽيليٽي سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ شوقين پي سي بي هيڊ آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں