ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر جي علائقي ننگرپارڪر ۾ مورن جي مرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جهنگلي جيوت کاتي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مور ٿر جي خوبصورتي، ثقافت ۽ ماحولياتي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن، تنهن ڪري انهن جي تحفظ لاءِ هنگامي …
سنڌ جي وڏي وزير ننگرپارڪر ۾ مورن جي مرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، جهنگلي جيوت کاتي کان فوري رپورٽ طلب

مزید خبریں
ڪراچي- 12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر جي علائقي ننگرپارڪر ۾ مورن جي مرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جهنگلي جيوت کاتي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مور ٿر جي خوبصورتي، ثقافت ۽ ماحولياتي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن، تنهن ڪري انهن جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن۔ هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهڙا اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن، جن سان ٿر ۾ مورن جي آبادي ۾ واڌارو اچي سگهي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن مورن جي مرڻ بابت خبرن ۾ صداقت موجود آهي ته واقعي جو فوري تدارڪ ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي وڃي۔ سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مورن جي مرڻ جو سبب پاڻي جي کوٽ آهي ته متاثر علائقن ۾ پاڻي جي مستقل ۽ مناسب فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن قيمتي جهنگلي جيوت کي بچائي سگهجي.











