لاڙڪاڻو- 12 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ خودڪشي ۽ ان جي روڪٿام جي عنوان هيٺ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جو بنيادي مقصد خودڪشي جي خيالن، خطري وارن عنصرن، بروقت مداخلت، نفسياتي سھائتا ۽ مدد حاصل ڪرڻ جي لاڙي بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو. سيمينار کي خطاب ڪندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو ذهني صحت بابت آگاهي ۽ خودڪشي جي روڪٿام …
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ خودڪشي ۽ ان جي روڪٿام بابت آگاهي سيمينار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 12 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ خودڪشي ۽ ان جي روڪٿام جي عنوان هيٺ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جو بنيادي مقصد خودڪشي جي خيالن، خطري وارن عنصرن، بروقت مداخلت، نفسياتي سھائتا ۽ مدد حاصل ڪرڻ جي لاڙي بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو. سيمينار کي خطاب ڪندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو ذهني صحت بابت آگاهي ۽ خودڪشي جي روڪٿام جي اهميت تي روشني وجھندي خاص طور تي شاگردن ۽ نوجوانن ۾ وڌندڙ ذهني ۽ جذباتي دٻاءَ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جڏهن ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نفسيات شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر انوپ ڪمار جاسيجا سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته اڪثر پاڪستان ۾ خودڪشين جا واقعا رپورٽ ئي نه ٿا ٿين، رپورٽ ٿيندڙ انگن اکرن موجب ھر ھڪ لک ماڻھن ۾ پاڪستان ۾ نو کان 6 ماڻھو خودڪشيون ڪن ٿا، منشيات جي واھپي جي وڌندڙ رجحان جي ڪري اھو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. خاص مھمان پروفيسر ڊاڪٽر چوني لال ڪٽاريا، جيڪو جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي جي نفسيات شعبي جو سربراهه آهي تنهن چيو ته هن خودڪشي جو وڏو ڊپريشن، نااميدي، ذهني صدمو، سماجي اڪيلائپ ۽ جذباتي دٻاءُ ۽ منشيات جو وڌندڙ استعمال آھي، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ھر ھڪ لک ماڻھو تي ٻن کان ٽي ماڻھو خودڪشيون ڪن ٿا پر اصل انگ اکر رڪارڊ نه ٿا ٿين ڇوته خاص ڪري ٻھراڙين ۾ خودڪشي کي حادثو يا قدرتي موت چئي ڪري لڪايو پيو وڃي. سيمينار دوران سوالن ۽ جوابن تي ٻڌل هڪ گڏيل ويھڪ پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ذهني صحت جي مسئلن ۽ خودڪشي جي روڪٿام بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ سوال پڇيا. ماهرن جي پينل ۾ ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو، ڊاڪٽر رحمت علي وڳڻ، ڊاڪٽر چوني لال ۽ ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو (ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس) شامل هئا، جن شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا.سيمينار ڪاميابي سان پڄاڻي تي پھتو، جنھن ۾ شرڪت ڪندڙن ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو. حاضرين هن معلوماتي ۽ آگاهي تي ٻڌل پروگرام کي ساراهيندي اهڙن قدمن کي ذهني صحت، جذباتي ڀلائي ۽ خودڪشي جي روڪٿام لاءِ انتھائي لاڀائتو قرار ڏنو.











