ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي کلي ڪچهري، عرضدارن سان ملاقاتون، مسئلا ٻڌي فوري حل جا حڪم جاري

لاڙڪاڻو-  12 مئي(اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پنهنجي آفيس ۾ کلي ڪچهري ۾ عرضدارن ۽ فريادين سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن  مسئلا ٻڌا ۽ فوري حل جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي کلي ڪچهري/عوامي ملاقات ۾ وڏي انگ ۾ عرضدارن ۽ فريادين شرڪت ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو هڪ هڪ جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن کي فوري حڪم جاري ڪيا.ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو …

لاڙڪاڻو-  12 مئي(اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پنهنجي آفيس ۾ کلي ڪچهري ۾ عرضدارن ۽ فريادين سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن  مسئلا ٻڌا ۽ فوري حل جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي کلي ڪچهري/عوامي ملاقات ۾ وڏي انگ ۾ عرضدارن ۽ فريادين شرڪت ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو هڪ هڪ جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن کي فوري حڪم جاري ڪيا.ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو ته عوام کي بروقت انصاف جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جو تڪڙو حل اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ته شهرين جون شڪايتون ميرٽ ۽ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيون وڃن، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير برداشت نه ڪئي ويندي.شهرين مسئلن جي فوري حل تي اطمينان جو اظهار ڪندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي قدمن کي ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا.ٻئي طرف لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندڙ فهد رضا سومرو واري خبر، جنهن ۾ هن زينب ابڙو نالي عورت بابت بيان ڏيندي چيو ته منهنجي گهرواري آهي ۽ اغوا ٿي وئي آهي.ان بابت سول لائينز ٿاڻي جي پوليس ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري کي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ڄاڻايل شهري فهد رضا سومرو جي ٿاڻي اندر ڪا به انٽري، اين سي يا ايف آءِ آر داخل ناهي.تحقيق موجب  ڄاڻايل عورت فهد رضا کان طلاق بعد 2025ع ۾ واجد علي چانڊيو نالي ٽريزري آفيسر سان شادي ڪئي آهي جنهن مان کيس اولاد به آهي.پريس ڪانفرنس ڪندڙ شهري طرفان پوليس بابت ڏنل بيان حقيقتن تي ٻڌل ناهي.

مزید خبریں