سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظن کي ٻيھر جيارڻ لاءِ سگهڙن ۽ ماهرن سان ڪچھريءَ جو پروگرام سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي اسٽوڊيو ۾ ٿي گذريو

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظن کي ٻيھر جيارڻ لاءِ سگهڙن ۽ ماهرن سان ڪچھريءَ جو پروگرام سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي اسٽوڊيو ۾ ٿي گذريو. هن ڪچھريءَ ۾ زرعي يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي پروفيسر مجيد الدين سولنگيءَ، سگهڙ خادم حسين ۽ سگهڙ يعقوب جاگيراڻي شرڪت ڪري سنڌي ٻوليءَ جي قديم لفظن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شاعري پيش ڪئي. ڪچھريءَ جي ميزبان اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر …

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظن کي ٻيھر جيارڻ لاءِ سگهڙن ۽ ماهرن سان ڪچھريءَ جو پروگرام سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي اسٽوڊيو ۾ ٿي گذريو. هن ڪچھريءَ ۾ زرعي يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي پروفيسر مجيد الدين سولنگيءَ، سگهڙ خادم حسين ۽ سگهڙ يعقوب جاگيراڻي شرڪت ڪري سنڌي ٻوليءَ جي قديم لفظن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شاعري پيش ڪئي. ڪچھريءَ جي ميزبان اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ ان موقعي تي چيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جا قديم لفظ هڪ ترقي يافته زرعي سماج جو اهڃاڻ آهن، جن وسيلي اسان اڄ به پنهنجي خوبصورت ثقافتي توڙي تاريخي ماضيءَ سان ڳنڍيل آهيون“. هن چيو ته ته ڌرتيءَ سان گڏ ٻولي اهو اڪيلو عنصر آهي جيڪو صدين جو سفر ڪري اڄ جي جديد دور ۾ پهتو آهي. هن چيو ته موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين آڳاٽن زرعي لفظن ۽ اصطلاحن صورتون مٽايون آهن. ڊاڪٽر شير مھراڻي وڌيڪ چيو ته عام ڪچھري توڙي ٻارڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ آڳاٽا ۽ اصلوڪا سنڌي لفظ ڪتب آڻي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. پروفيسر مجيد الدين سولنگي ان موقعي تي آڳاٽا زرعي لفظ ساريندي ٻڌايو ته پراڻي وقت ۾ پاڇي تي پھر/وقت مقرر هوندا هئا ۽ پھرن جا به مخصوص سنڌي نالا هئا. ڪچھريءَ ۾ سگهڙ خادم حسين ”پراڻا سنڌي لفظ سارا وڃن ٿا، ڪندا نئين نسل کان ڪنارا وڃن ٿا“ جي عنوان سان بيت پيش ڪيا. جڏهن ته سگهڙ يعقوب جاگيراڻيءَ گلن ۽ انبن جون سنڌي جنسون شاعريءَ ۾ بيان ڪيون. ڪچھريءَ جو هي پروگرام اداري جي يوٽيوب ۽ فيسبڪ تان جلد نشر ڪيو ويندو.

مزید خبریں