ايس ايس پي حيدرآباد جي هدايتن تي ٽريفڪ پُوليس پاران شهرين لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ شربت جا انتظام

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي ڊي ايس پي ٽريفڪ دائود رحمان، ڊي ايس پي ٻهراڙي فاروق ڀٽو، ڊي ايس پي لطيف آباد مقصود آرائين پاران پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سيڪشن آفيسرن ۽ ٽريفڪ اسٽاف جي ذريعي شهرين، موٽر سائيڪل سوارن ۽ مختلف گاڏين جي ڊرائيورن ۽ راهگيرن کي ٿڌو پاڻي ۽ شربت پياريو ويو. …

حيدرآباد- 11 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي ڊي ايس پي ٽريفڪ دائود رحمان، ڊي ايس پي ٻهراڙي فاروق ڀٽو، ڊي ايس پي لطيف آباد مقصود آرائين پاران پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سيڪشن آفيسرن ۽ ٽريفڪ اسٽاف جي ذريعي شهرين، موٽر سائيڪل سوارن ۽ مختلف گاڏين جي ڊرائيورن ۽ راهگيرن کي ٿڌو پاڻي ۽ شربت پياريو ويو. ان موقعي تي شهرين پاران ايس ايس پي حيدرآباد جي ان عوامي ۽ مثبت قدم کي ساراهيندي ان کي موجوده موسمي صورتحال ۾ سٺو قدم قرار ڏنو آهي.

مزید خبریں