اسلام آباد - 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽوبه ٽيڪ سنگهه مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ڪرنل (ر) ايوب گاڌي جي اوطاق تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم واقعي جي انڪوائري جلد کان جلد مڪمل ڪري ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ جوابدارن کي منطقي انجام …
وزيراعظم پاران ٽوبه ٽيڪ سنگهه مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ڪرنل (ر) ايوب گاڌي جي اوطاق تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽوبه ٽيڪ سنگهه مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ڪرنل (ر) ايوب گاڌي جي اوطاق تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم واقعي جي انڪوائري جلد کان جلد مڪمل ڪري ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ايوب گاڌي جو شمار مسلم ليگ جي محنتي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. پنهنجي اوطاق تي عوامي مسئلا ٻڌندي مٿس ٿيل حملو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم واقعي ۾ مارجي ويندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ خاندانن لاءِ صبر ۽ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.











