پاڪ فوج جي ناقابل تسخير بهادري ۽ پاڪستاني قوم جي ناقابل شڪست جذبي کي سلام پيش ڪيون ٿا: هارون اختر خان

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان معرڪه حق جي پهرين سالگره جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ جڏهن اسان 2025ع جي فيصلاتي معرڪي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جي سالگره ملهائي رهيا آهيون ته اسان پنهنجي پاڪ فوج جي ناقابل تسخير بهادري ۽ پاڪستاني قوم جي ناقابل شڪست جذبي کي سلام پيش ڪيون ٿا. جاري ڪيل پيغام ۾ …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان معرڪه حق جي پهرين سالگره جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ جڏهن اسان 2025ع جي فيصلاتي معرڪي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جي سالگره ملهائي رهيا آهيون ته اسان پنهنجي پاڪ فوج جي ناقابل تسخير بهادري ۽ پاڪستاني قوم جي ناقابل شڪست جذبي کي سلام پيش ڪيون ٿا. جاري ڪيل پيغام ۾ هارون اختر خان چيو ته جڏهن آزمائش جي گهڙي آئي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي عظيم قيادت ۾ اسان جي فوج شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل رهي. هن چيو ته پروپيگنڊا ۽ گوڙ ۾ دشمن شايد وڌيڪ طاقتور هو پر ايمان، نظم و ضبظ ۽ جرئت بهادري ۾ اسان جي فوج بي مثال رهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ثابت قدمي ۾ اسان جي فوج بهادري ۽ شجاعت جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نسلن تائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن هر پاڪستاني کي ياد ڏياري ٿو ته جيسيتائين هي قوم ايمان، جرئت ۽ مقصد ۾ متحد رهندي دنيا جي ڪا به طاقت ان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي.