ڪراچي- 10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏھاڙي ڪراچي شھر جي ٻن وڏن جاري ترقياتي رٿائن بي آر ٽي ريڊ لائين جي نمائش کان موسميات تائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتي سرگرمين ۾ تيزي آندي وڃي ۽ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل مسئلا جلد حل …
سنڌ جي وڏي وزير پاران بي آر ٽي ريڊ لائين جي نمائش کان موسميات تائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو دورو

مزید خبریں
ڪراچي- 10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏھاڙي ڪراچي شھر جي ٻن وڏن جاري ترقياتي رٿائن بي آر ٽي ريڊ لائين جي نمائش کان موسميات تائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتي سرگرمين ۾ تيزي آندي وڃي ۽ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل مسئلا جلد حل ڪيا وڃن. صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، واٽر بورڊ جي ايم ڊي احمد صديقي، ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي)، ايف ڊبليو او ۽ ٽرانس ڪراچي جي اعليٰ عملدارن سان گڏ وڏي وزير رٿائن جي مختلف حصن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ زور ڀريو ته شهرين کي جلد کان جلد رليف فراهم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڊگهي عرصي کان جاري اڏاوتي ڪمن سبب ڪراچي جا شهرين ڏکيائين کي منهن ڏئي رھيا آھن، تنهنڪري سڀئي لاڳاپيل ادارا ايندڙ ٽن مهينن دوران ٽريفڪ مينيجمينٽ، نيڪاليءَ واري نظام ۽ روڊن جي بحالي ۾ واضح بهتري يقيني بڻائين. هن چيو ته هي هڪ هفتي دوران بي آر ٽي ريڊ لائين رٿا جو سندس چوٿون دورو آهي، ڇاڪاڻ تھ آئون چاهيان ٿو ته هر قسم جي رنڊڪ ختم ڪئي وڃي ۽ سمورا هدف وقت تي حاصل ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته هو هر هفتي ذاتي طور رٿا جي نگراني ڪندو.











