لاڙڪاڻو-10 مئي (اي پي پي ) معرڪه حق جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سيال ڀائرن پاران لاڙڪاڻي شهر ۾ موسيقي ۽ جشن پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان عورتن، مردن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي ۽ پارٽي ترانن سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ملڪ جي مشهور فنڪارن حديقا ڪياني۽ احمد مغل سميت ٻين پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو پيش …
لاڙڪاڻو، معرڪه حق جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران شهر ۾ موسيقي جو پروگرام منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-10 مئي (اي پي پي ) معرڪه حق جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سيال ڀائرن پاران لاڙڪاڻي شهر ۾ موسيقي ۽ جشن پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان عورتن، مردن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي ۽ پارٽي ترانن سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ملڪ جي مشهور فنڪارن حديقا ڪياني۽ احمد مغل سميت ٻين پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو پيش ڪندي محفل کي چار چنڊ لڳايا.جشن پروگرام فنڪارن پاران لوڪ گيت، ملي نغما ۽ ٻارن پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن، مقامي اڳواڻن ۽ شهر جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سهيل انور سيال چيو ته ڀارت جڏهن به پاڪستان تي حملو ڪيو آهي ان کي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي . پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي “معرڪه حق” جو مقصد عوامي حقن جي تحفظ، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ آهي .هنن چيو ته اهڙيون تقريبون نه رڳو تفريح جو ذريعو آهن، پر عوام کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. تقريب جي پڄاڻي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سيال ڀائر پاران مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.











