لاڙڪاڻو-10 مئي (اي پي پي )سينٽر جيل لاڙڪاڻي ۾ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ پاڪ افواج کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ ھڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب کي خطاب ڪندي ،جيل سپريڊنٽ عبدالفتاح ڪلهوڙو، ڊپٽي سپريڊنٽ اقبال احمد نوناري، اسسٽنٽ جيلر مظفر نوناري عامر سوهو، ريسڪيو 1122 عرفان نواز شيخ، ايمرجنسي آفيسر، شهريار سومرو،شفٽ انچارج ريسڪيو 1122۽ ٻين چيو ته بنيان مرصوص صرف هڪ نعرو نه پر اسان …
سينٽر جيل لاڙڪاڻي ۾ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملھايو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-10 مئي (اي پي پي )سينٽر جيل لاڙڪاڻي ۾ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ پاڪ افواج کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ ھڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب کي خطاب ڪندي ،جيل سپريڊنٽ عبدالفتاح ڪلهوڙو، ڊپٽي سپريڊنٽ اقبال احمد نوناري، اسسٽنٽ جيلر مظفر نوناري عامر سوهو، ريسڪيو 1122 عرفان نواز شيخ، ايمرجنسي آفيسر، شهريار سومرو،شفٽ انچارج ريسڪيو 1122۽ ٻين چيو ته بنيان مرصوص صرف هڪ نعرو نه پر اسان جي اجتماعي سوچ ۽ جذبو ھو ۽ سڄي قوم بنيان مرصوص بڻجي وئي هئي. نه رڳو پاڪ فوج رڪ جي ديوار بڻجي بيٺي پر اسان بحيثيت قوم پنھنجي فوج سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺا سين، اسان پنھنجا ٻار پچا پنھنجو گهر پڻ پاڪستان تان قربان ڪري سگهون ٿا، اسان کي انفرادي سوچ مان نڪري اجتماعي سوچ طرف اچڻو پوندو. هنن چيو ته پاڪستان اھو ملڪ آھي جنھن امڪاني ٽين جنگ عظيم کان دنيا کي بچائي ورتو، ان موقعي تي سينٽر جيل جي قيدين به بهرپور حصو ورتو ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا. تقريب ۾ ريسڪيو آفيسرن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.











