سانگهڙ ۾ معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي يوم تشڪر ريلي منعقد

حيدرآباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اين پي سي آءِ ايڇ اي سانگهڙ ضلعي جي انتظام هيٺ ضلعي سيڪٽريٽ کان ٽنڊو آدم پريس ڪلب تائين يوم تشڪر ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي اين پي سي آءِ ايڇ اي جي صوبائي نائب صدر مظهر حسين چانڊيو ۽ ضلعي صدر گلبهار خاصخيلي ڪئي. ريلي ۾ وڏي تعداد …

حيدرآباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اين پي سي آءِ ايڇ اي سانگهڙ ضلعي جي انتظام هيٺ ضلعي سيڪٽريٽ کان ٽنڊو آدم پريس ڪلب تائين يوم تشڪر ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي اين پي سي آءِ ايڇ اي جي صوبائي نائب صدر مظهر حسين چانڊيو ۽ ضلعي صدر گلبهار خاصخيلي ڪئي. ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عهديدارن، ميمبرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر هئا، جن دهل شرنائين تي ڊانس ڪئي ۽ مٺائي ورهائي. ان موقعي تي شهرين عهديدارن کي گلن جا هار پارايا ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳايا. ريلي کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي پاڪ فو جي پيشوراڻين صلاحيتن، جرئت ۽ عوامي يڪجهتي جو واضع ثبوت آهي. هنن چيو ته پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ملڪ جي دفاع کي يقيني بڻائي قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو. سندن چوڻ هو ته يوم تشڪر ملهائڻ جو مقصد پاڪ فوج جي لازوال قربانين ۽ قومي سلامتي لاءِ انجام ڏيندڙ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.

مزید خبریں