پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي طرفان معرڪه حق جي حوالي سان مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو- 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع لاڙڪاڻو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي طرفان معرڪه حق جي شاندار ڪاميابي تي مشعل بردار ريلي ذوالفقار باغ کان جناح باغ چوڪ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايم پي اي سٽي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور خان سيال، اعجاز احمد لغاري، خير محمد شيخ، انور علي لهر خاص شرڪت ڪئي ۽ وارڊن جي عهديدارن، …

لاڙڪاڻو- 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع لاڙڪاڻو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي طرفان معرڪه حق جي شاندار ڪاميابي تي مشعل بردار ريلي ذوالفقار باغ کان جناح باغ چوڪ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايم پي اي سٽي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور خان سيال، اعجاز احمد لغاري، خير محمد شيخ، انور علي لهر خاص شرڪت ڪئي ۽ وارڊن جي عهديدارن، الائيڊ ونگز جي عهديدارن ميمبرن، ورڪنگ ڪميٽي، سينيئر ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مقررن خطاب ڪندي چيو ته بزدل دشمن رات جي اونداھي ۾ حملو ڪيو ته پاڪ فوج ڏينھن جي روشني ۾ کيس عبرتناڪ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مھارت ۽ ايمان جي جذبي هندستان جي اربين ڊالرن جي دفاعي نظام کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، هندستاني جارحيت خلاف پاڪستان جي آپريشن بنيان مرصوص جو گونج سڄي دنيا ۾ ٻڌي وئي. انهن چيو ته هيٿاربند فوج پاڻ کان پنج ڀيرا وڏي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ثابت ڪيو ته ملڪي دفاع ناقابل تسخير آهي.

مزید خبریں