پشاور- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پشاور ۾ شهيدن جي يادگار تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. خيبر پختونخوا جي گورنر ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. چيف سيڪريٽري، سول ۽ عسڪري آفيسرن، شاگردن ۽ عوام جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وطن جي شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج …
معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پشاور ۾ يادگار شهداءِ تي پروقار تقريب منعقد

مزید خبریں
پشاور- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پشاور ۾ شهيدن جي يادگار تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. خيبر پختونخوا جي گورنر ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. چيف سيڪريٽري، سول ۽ عسڪري آفيسرن، شاگردن ۽ عوام جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وطن جي شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وطن عزيز جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو خصوصي پيغام به ٻڌايو ويو.











