لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال شاھد حسين پاران معرڪه حق کي سال پوري ٿيڻ تي پاڪ افواج کي خراج تحسين

لاڙڪاڻو- 09 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال شاھد حسين سومرو چيو آهي ته اڄ معرڪه حق کي سال پوري ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سرحدن جي حفاظت ڪرڻ تي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪ فوج ۽ ايئر فورس جي جرئت ۽ بھادري تي فخر محسوس ڪيون ٿا. اھڙن خيالن جو اظهار ھن معرڪه حق جي …

لاڙڪاڻو- 09 مئي (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال شاھد حسين سومرو چيو آهي ته اڄ معرڪه حق کي سال پوري ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سرحدن جي حفاظت ڪرڻ تي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪ فوج ۽ ايئر فورس جي جرئت ۽ بھادري تي فخر محسوس ڪيون ٿا. اھڙن خيالن جو اظهار ھن معرڪه حق جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بنيان مرصوص صرف هڪ نعرو نه پر اسان جي گڏيل سوچ ۽ جذبو ھو ۽ سڄي قوم بنيان مرصوص بڻجي وئي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪ فوج ھڪ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺي. اسان هڪ متحد قوم جي حيثيت سان پنھنجي فوج سان گڏ آهيون. ان موقعي تي وائيس پرنسپل چانڊڪا ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو چيو ته اسان پنھنجا ٻار ٻچا پنھنجو گهر پڻ پاڪستان تان قربان ڪري سگهون ٿا، اسان کي انفرادي سوچ مان نڪري اجتماعي سوچ طرف اچڻو پوندو، پاڪستان اھو ملڪ آھي جنھن امڪاني ٽئين عالمي جنگ کان دنيا کي بچايو. تقريب ۾ رجسٽرار فھد جبران سيال، ڊپٽي ڊاريڪٽر آءِ ٽي وحيد زمان ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عبدالصمد ڀٽي سميت فيڪلٽي آفيسرن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ پاڪ فوج جي حوالي سان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پيش ڪئي وئي ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا.

مزید خبریں