حيدرآباد- 09 مئي (اي پي پي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران آپريشن بنيان المرصوص ۽ معرڪه حق جي پهرين سالگره جي موقعي تي خاص ملي نغمو ”پرچم جي بلندي“ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ پاڪ فوج جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. اهو خاص نغمو محمد حسين ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نگراني ۾ تيار ڪيو ويو آهي. نغمي …
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران آپريشن بنيان المرصوص ۽ معرڪه حق جي پهرين سالگره جي موقعي تي خاص ملي نغمو تيار

مزید خبریں
حيدرآباد- 09 مئي (اي پي پي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران آپريشن بنيان المرصوص ۽ معرڪه حق جي پهرين سالگره جي موقعي تي خاص ملي نغمو ”پرچم جي بلندي“ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ پاڪ فوج جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. اهو خاص نغمو محمد حسين ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نگراني ۾ تيار ڪيو ويو آهي. نغمي جو شاعر وڪيو پيرزاده آهي، نغمي کي گلوڪار سچل منگي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ پيش ڪيو آهي، جڏهن ته ان پروجيڪٽ جو پروڊيوسر عابد منگي آهي. اهو خاص نغمو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران نشر ڪيو ويو آهي.











