ڪوئٽه- 09 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي معرڪه حق جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته معرڪه حق تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان پنهنجي قوت، خوداري ۽ پُختي عزم کي پوري دنيا ۾ مڃرايو، اڄ معرڪه حق جي عظيم ڏينهن جي موقعي پاڪ فوج، قومي سياسي قيادت ۽ خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. …
وزيراعلي بلوچستان پاران معرڪه حق جي موقعي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
ڪوئٽه- 09 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي معرڪه حق جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته معرڪه حق تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان پنهنجي قوت، خوداري ۽ پُختي عزم کي پوري دنيا ۾ مڃرايو، اڄ معرڪه حق جي عظيم ڏينهن جي موقعي پاڪ فوج، قومي سياسي قيادت ۽ خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. وزيراعلي بلوچستان چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جرئت واري قيادت ۾ پاڪ فوج غرور جي طاقت ۾ مبتلا دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته صوبي جو عوام هن ڏينهن کي پاڪستان جي تحفظ، سلامتي ۽ استحڪام جي عزم سان يوم فخر طور ملهائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن ان عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي ته پاڪستان سان وفاداري، محبت ۽ قومي يڪجهتي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمزوري نه اچڻ ڏني ويندي.











