پاڪستان جو عوام پنهنجي رياست ۽ فوج سان گڏ آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور- 09 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام پنهنجي رياست ۽ فوج سان گڏ آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 09 مئي تي پاڪستان دشمني جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جنهن ۾ ملوث ڪردارن کي سبز هلالي پرچم سان محبت ڪرڻ وارا ڪڏهن نه وساريندا. هن چيو ته 09 مئي تي وطن …

پشاور- 09 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام پنهنجي رياست ۽ فوج سان گڏ آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 09 مئي تي پاڪستان دشمني جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جنهن ۾ ملوث ڪردارن کي سبز هلالي پرچم سان محبت ڪرڻ وارا ڪڏهن نه وساريندا. هن چيو ته 09 مئي تي وطن خاطر شهادت ماڻيندڙن جي يادگار، فوجي ٺڪاڻن ۽ قومي ادارن تي حملا ملڪ جي وقار تحفظ تي حملا هئا. سياسي انتقام ۾ پاڪستان کي نشانو بڻايو ويو. 09 مئي جي سازشي ڪردارن، سهولتڪارن ۽ منصوبو تيار ڪندڙن کي انهن جي انجام تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي. معرڪه حق بنيان مرصوص ۾ پاڪ فوج پنهنجي مهارت ۽ قرباني سان ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون.

مزید خبریں