حيدرآباد-08 مئي (اي پي پي) معرڪه حق آپريشن بنيان المرصوص جي سالياني يادگار جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي نگراني هيٺ عظيم الشان ريلي منعقد ڪئي وئي، ريلي نيو ڊي سي ڪامپليڪس کان شروع ٿي جنهن ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي آفيسرن، ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن، اين جي اوز، استادن، شاگردن، سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن …
حيدرآباد ۾ آپريشن بنيان المرصوص جي سالياني يادگار ريلي، پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
حيدرآباد-08 مئي (اي پي پي) معرڪه حق آپريشن بنيان المرصوص جي سالياني يادگار جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي نگراني هيٺ عظيم الشان ريلي منعقد ڪئي وئي، ريلي نيو ڊي سي ڪامپليڪس کان شروع ٿي جنهن ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي آفيسرن، ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن، اين جي اوز، استادن، شاگردن، سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا هئا ۽ اهي وطن سان محبت، قومي يڪجهتي ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا، ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته هڪ سال اڳ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن شهرين، سماجي تنظيمن ۽ استادن ۽ شاگردن جو ٿورو مڃيندي چيو ته قومي يڪجهتي اسان جي اصل طاقت آهي، ريلي دروان پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس طرفان سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي اچ وڃ کي برقرار رکڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا هئا.











