ضلعي انتظاميه سکر پاران حق جي ويڙهه ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ياد ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ريلي منعقد

سکر -08 مئي (اي پي پي) ضلعي انتظاميا سکر پاران "معرڪه حق" ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ياد ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بھادري کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ريلي منعقد ڪئي وئي. ريلي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر-ون تنوير احمد ۽ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد علي مغل جي اڳواڻي ۾ ميونسپل اسٽيڊيم کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريلي ۾ مختلف سرڪاري شعبن جي آفيسرن، بلدياتي نمائندن، شھرين، …

سکر -08 مئي (اي پي پي) ضلعي انتظاميا سکر پاران "معرڪه حق” ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ياد ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بھادري کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ريلي منعقد ڪئي وئي. ريلي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر-ون تنوير احمد ۽ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد علي مغل جي اڳواڻي ۾ ميونسپل اسٽيڊيم کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريلي ۾ مختلف سرڪاري شعبن جي آفيسرن، بلدياتي نمائندن، شھرين، اسڪولي شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي ھٿن ۾ قومي جهنڊي۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختلف نعرن تي ٻڌل پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي کنيل هئا. انھيءَ موقعي تي "پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان پائنده باد” جا نعرا بلند ڪيا ويا.ريلي جي مقررن شھيدن کي خراج عقيدت ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-ون تنوير احمد چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جي مسلح افواج پنهنجي دليري ۽ بصيرت سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو ۽ اهو ڀارتي جارحيت خلاف فيصلائتو جواب هو. هنن چيو ته گذريل سال ڀارتي جارحيت دوران پاڪستان جي فضائيه ملڪ جي دفاع ۾ بنيان المرصوص (مضبوط ڀت) بڻجي بيھي رھي، جنھن تي قوم کي فخر آهي. اي ڊي سي-ٽو ماجد علي ماڪو جو چوڻ ھو ته معرڪو حق دشمن جي منھن تي زوردار چماٽ آهي، جنھن بعد اميد آھي تہ دشمن اڳتي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگھندو.ان موقعي تي ڊپٽي مئيئر سکر ڊاڪٽر ارشد علي مغل پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته ملڪ جو عوام ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي ھٿياربند فوج سان گڏ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي ۽ رھندو.ريلي ۾ ٻين نمايان شخصيتن ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سول اسپتال سکر ڊاڪٽر احمد مجتبيٰ ميمڻ، پرنسپل جي ايم ايم ميڊيڪل ڪاليج سکر ڊاڪٽر صالح محمد چنه ۽ وائيس چيئرمين ٽي ايم سي-ون مڪي شاھ غلام مرتضيٰ گھانگھرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 

مزید خبریں