ڪراچي -08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي يومِ ريڊ ڪراس ۽ هلالِ احمر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت عبادت آهي ۽ سماجي رضاڪار اسان جو قيمتي سرمايو آهن۔ هن چيو ته ريڊ ڪراس ۽ هلالِ احمر جا رضاڪار بي لوث خدمت، محبت ۽ انسانيت جي روشن مثال آهن، جيڪي قدرتي آفتن، هنگامي حالتن ۽ ڏکين وقتن …
سنڌ جي وڏي وزير پاران ريڊ ڪراس ۽ هلال احمر جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
ڪراچي -08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي يومِ ريڊ ڪراس ۽ هلالِ احمر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت عبادت آهي ۽ سماجي رضاڪار اسان جو قيمتي سرمايو آهن۔ هن چيو ته ريڊ ڪراس ۽ هلالِ احمر جا رضاڪار بي لوث خدمت، محبت ۽ انسانيت جي روشن مثال آهن، جيڪي قدرتي آفتن، هنگامي حالتن ۽ ڏکين وقتن ۾ عوام جي مدد لاءِ هميشه اڳڀرا رهن ٿا۔وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت فلاحي ۽ امدادي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ صحت، ريسڪيو ۽ سوشل پروٽيڪشن جي شعبن ۾ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته صوبي ۾ ايمبولينس سروس، ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي سهولتن کي جديد بنيادن تي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن عوام کي فوري ۽ معياري سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق خاندانن جي مدد لاءِ مختلف سماجي تحفظ جا پروگرام هلائي رهي آهي، جڏهن ته عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور طبقن لاءِ امدادي منصوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته گذريل سالن دوران سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ تاريخي سيڙپڪاري ڪئي آهي ته جيئن عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي ۽ اسان سڀني کي انسانيت، محبت ۽ خدمت جي جذبي کي هٿي وٺرائڻو پوندو۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته عالمي يومِ ريڊ ڪراس انسانيت، امن ۽ خدمت جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي.











